Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye
کان پوءِ جڏهن اهي بزرگ واپس پنهنجي گهر هليا ويا ته سلطان پنهنجي لشڪر سان گڏ اتان روانو ٿي ويو.
انهيءَ ئي رات سلطان محمود غزنوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي قسمت جو ستارو چمڪي پيو. رات جو سمهيا ته سندن نصيب جاڳي پيو، خواب ۾ ٻنهي جهانن جا تاجدار، مڪي مدني سرڪار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تشريف فرما ٿيا ۽ قربان وڃجي! محبوبِ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم هڪ ئي جملو ارشاد فرمايو: اي ناصر الدين سَبُڪتگين جا پٽ! منهنجي وارث (عالمِ دين) جي خدمت جي ڪري الله پاڪ توکي بخشي ڇڏيو آهي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي منهنجي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو...!! اَلحَمۡدُلله! الله پاڪ جي فضل سان پيارا محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم زندهه به آهن، نه صرف پنهنجي اُمَّت جي ظاهري احوالن، پر دلي خيالن کان به آگاهه آهن. پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم اهو به ڄاڻن پيا ته محمود غزنوي هڪ عالمِ دين جي خدمت ڪئي آهي ۽ اها به کين خبر هئي ته محمود غزنوي جي دل ۾ ٽن ڳالهين کي ڄاڻڻ جي جستجو آهي، تنهنڪري هڪ ئي مبارڪ جملي ۾ ٽنهي ڳالهين کي حل فرمائي ڇڏيائون: (1): فرمايائون: اي سَبُڪۡتِگين جا پٽ! ان مان سلطان کي معلوم ٿيو ته مان واقعي سَبُڪۡتِگين جو پٽ آهيان (2): پوءِ فرمايائون: تون منهنجي وارث جي خدمت ڪئي آهي، جنهن مان کين سچي عقيدن جي حامل عاشقانِ رسول عالمن جي سڃاڻپ ٿي وئي(3): پوءِ فرمايائون: الله پاڪ توکي بخشي ڇڏيو آهي، ان مان کين معلوم ٿيو ته هو بخشيا ويا آهن.
اُمّت کے حال سے وہ آگاہ ہر گھڑی ہیں خوابوں میں آ رہے ہیں، بگڑی بنا رہے ہیں
سُبْحٰنَ اللہ! جيڪي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم خواب ۾ تشريف فرما ٿي اهڙو بي مثال ڪلام فرمائيندا آهن، ته پوءِ سندن سامهون واري ڪلامِ ذيشان جو ڪيڏو نه شان هوندو...!! اعلى حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: