Naikiyon Me Hissa Milaiye

Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye

تياري ڪري ورتي هئي، پر هو بيمار ٿي پيو آهي. هن کي چئو ته رسولُ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمائن ٿا: پنهنجو سڄو سامان مون کي ڏئي ڇڏيو. جيئن ته اهي صحابي اُنَ صحابيءَ وٽِ پهتا، کين مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو پيغام ٻڌايائون، جنهن تي هن خوشي خوشي پنهنجو مڪمل سفر جو سامان ان صحابي کي ڏئي ڇڏيو.([1]) 

هاڻي ڏسو! انهن تياري ڪئي آهي پر خدا جي راهه ۾ سفر نه ٿا ڪري سگهن. بيمار ٿي پيا آهن، پنهنجو سامانِ سفر ٻئي کي ڏئي ڇڏيائون، هاڻي سفر اهو ڪندو، ثواب سفر ڪرڻ واري کي به ملندو ۽ سامان ڏيڻ واري کي به ملندو. 

سُبْحٰنَ اللہ! اها آهي نيڪيءَ تي مدد ڪرڻ جي فضيلت...!! اسان کي گهرجي ته ڪا به نيڪي توڙي اها اسان پاڻ ڪري سگهون يا نه ڪري سگهون، ٻين جي ان نيڪيءَ تي مدد ضرور ڪريون. ائين ڪرڻ سان اِنْ شَآءَ اللہ الکریم! اسان به ثواب جا حقدار بڻجي وينداسين.

نيڪين ۾ پنهنجو حصو ملايو ...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! اها شيءِ اسان جي مزاج ۾ شامل ٿي وڃڻ گهرجي، نيڪين جو حِرصُ هجي، هيءَ نيڪي به مان ڪريان، هُوءَ نيڪي به مان ڪريان، ڪابه اهڙي نيڪي نه هجي، جيڪا منهنجي اعمالنامي ۾ شامل نه هجي، اهڙو حِرصُ اسان کي هجڻ گهرجي. 

هاڻي مسئلو اهو آهي ته سڀ نيڪيون مان اڪيلو ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ ان جو حل اهو آهي ته جيڪا نيڪي پهريان ئي ٿي رهي آهي، اسان ان ۾ پنهنجو حصو شامل ڪري ڇڏيون. جيڪو حصو اسان ملائي سگهون ٿا، اهو ملايون. الله پاڪ جيڪا صلاحيت ڏني آهي، اها نيڪيءَ جي ڪم ۾ شامل ڪريون * الله پاڪ پئسو ڏنو آهي، نيڪيءَ جي ڪم لاءِ پئسا فراهم ڪريون * الله پاڪ سٺي سوچ عطا فرمائي آهي، نيڪيءَ جي ڪمن لاءِ مشورو پيش


 

 



[1]... مسلم، کتاب الامارۃ، باب فضل اعانۃ الغازی   فی سبیل اللہ...الخ،صفحہ:756،حدیث:1894بتغیر۔