Naikiyon Me Hissa Milaiye

Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye

ٽِين نصيحت

حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پنهنجي خدمت ۾ رهڻ واري شخص کي ٽين ڳالهه اها ارشاد فرمائي ته تنهنجي  مال  جو    ٽيون    حصيدار   تون  پاڻ    آهين. (يعني جڏهن تقدير ۽ وارث مال کڻڻ جي معاملي ۾ ڪا رعايت نه ٿا ڪن ته پوءِ تون پنهنجو حصو کڻڻ ۾ ڇو ٿو پوئتي رهين؟ جيترو ٿي سگهي بهتر کان بهتر مال خدا جي راهه ۾ ڏئِي پنهنجي آخرت لاءِ جمع ڪري ڇڏ). 

دين جي مالي خدمت ضرور ڪيو!

سيپارو: 2، سورت بقره، آيت: 245 ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: 

مَنْ ذَا الَّذِیْ یُقْرِضُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا فَیُضٰعِفَهٗ لَهٗۤ اَضْعَافًا كَثِیْرَةًؕ-

ترجموڪنزالعرفان: آهي ڪو جيڪو الله کي چڱو قرض ڏي، ته الله ان لاءِ ان قرض کي تمام گهڻو وڌائي.

               سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏي نه پياري ڳالهه آهي! مال ڏنل ڪنهن جو آهي؟ الله پاڪ جو. سرڪار غوث اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه     فرمائن ٿا: اَنْتُمْ وُکَلَاءُ عَلٰی ہٰذِہِ الْاَمْوَال يعني توهان هن مال جا وڪيل آهيو. ([1]) 

مثال طور اسان ڪنهن کي 200 رپيا ڏيون ۽ کيس چئون ته بازار مان فلاڻي شيءِ وٺي اچ! ته اهو شخص جنهن کي اسان پئسا ڏنا آهن، اهو 200 روپين جو مالڪ نه آهي، پر وڪيل آهي، فقط اهائي شيءِ آڻي سگهي ٿو، جيڪا اسان چئي آهي. اهڙي طرح اسان سڀئي هن دنيا ۾ مال ۽ دولت جا مالڪ نه آهيون، پر وڪيل آهيون. اصل مالڪ الله پاڪ آهي. وڪيل کان جيڪو مال واپس ورتو ويندو آهي، اهو قرض نه هوندو آهي، اها ته مالڪ جي شيءِ هوندي آهي، جيڪا کيس واپس موٽائي ڏني ويندي آهي. پر الله پاڪ جي عنايت، سندس رحمت ۽ ذره نوازي ڏسو! ارشاد فرمايو ويو: 


 

 



[1]... جَلَاء الخَوَاطِرْ، مجلس:حقوق الفقراء، صفحہ:110۔