Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye
کان سواءِ منهنجو ڪو ٻيو مقصد نه هو. حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ارشاد فرمايو: ڇا مان توکي پنهنجي ضرورت جو ڏينهن نه ٻڌايان؟ ٻڌ! منهنجي ضرورت ۽ حاجت جو ڏينهن ته اهو آهي، جنهن ڏينهن مون کي انڌيري قبر ۾ اڪيلو دفن ڪيو ويندو. باقي رهيو مال، ته ان جا ٽي حصيدار آهن: (1): تقدير: جيڪا مال واپس وٺڻ ۾ ڪنهن جو به لحاظ نه ڪندي آهي. (2): وارث: جيڪي تنهنجي مرڻ جو انتظار ڪندا آهن ته ڪڏهن ٿو تون مَرِين ۽ هو تنهنجي مال تي قبضو ڪري وٺن (3): ٽيون حصيدار تون پاڻ آهين (جڏهن تقدير ۽ وارث مال کڻڻ جي معاملي ۾ ڪا به رعايت نه ٿا ڪن، ته پوءِ تون پنهنجو حصو کڻڻ ۾ پوئتي ڇو ٿو رهين؟ جيترو ٿي سگهي بهتر کان بهتر مال خدا جي راهه ۾ خرچ ڪري پنهنجي آخرت لاءِ جمع ڪري ڇڏ) ايترو فرمائڻ کان پوءِ پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ چوٿين سيپاري جي شروعاتي آيت مبارڪه جي تلاوت ڪئي:
لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتّٰى تُنْفِقُوْا مِمَّا تُحِبُّوْنَ ﱟ (پارو: 4، آلِ عمران: 92)
ترجموڪنزالعرفان: توهان هرگز ڀلائي کي حاصل نه ڪري سگهندﺆ، جيستائين خدا جي راهه ۾ پنهنجي پياري شيءِ خرچ نه ڪيو.
پوءِ فرمايائون ته انهيءَ ڪري جيڪو مال مون کي سڀ کان وڌيڪ پسند هوندو آهي، ان کي خدا جي راهه ۾ خرچ ڪري پنهنجي آخرت جي لاءِ جمع ڪندو آهيان. ([1])
اي عاشقانِ رسول! حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي ڪيتري نه شاندار مدني سوچ هئي ته جيڪو مال سڀ کان وڌيڪ پسند هوندو هو، ان کي خدا جي راهه ۾ خرچ ڪري پنهنجي آخرت جي لاءِ ذخيرو ڪندا هئا. اي ڪاش! اسان جون اکيون کلي وڃن ۽ اسان به هن مبارڪ آيت:
لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتّٰى تُنْفِقُوْا مِمَّا تُحِبُّوْنَ ﱟ (پارو: 4، آلِ عمران: 92)
ترجموڪنزالعرفان: توهان هرگز ڀلائي کي حاصل نه ڪري سگهندﺆ، جيستائين خدا جي راهه ۾ پنهنجي پياري شيءِ خرچ نه ڪيو.
تي غور ڪرڻ وارا بڻجي وڃون: ياد رکو! خدا جي راهه ۾ جهڙي شيءِ