Naikiyon Me Hissa Milaiye

Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye

موٽائيندا آهن. 

منگتا کا ہاتھ اُٹھتے ہی داتا کی دِیْن تھی            دُوری قبول و عرض میں بَس ہاتھ بَھر کی ہے([1])

شان اهو آهي ته ڪو به سوالي خالي نه موٽندو آهي، پر سيرت پاڪ جي هن انداز مان امير ماڻهو ته فيض حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪي ڪروڙ پتي آهن، ارب پتي آهن، جن وٽ پئسي جي ڪا کوٽ نه آهي، اهي ته هن اداءِ مصطفىٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي اختيار ڪري سگهن ٿا ته جڏهن به سوالي اچي، خالي نه موٽايو وڃي، پر جيڪي غريب آهن، اهي هن ادا کي ڪيئن ادا ڪري سگهندا؟  جيئن ته محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم پنهنجي غريب اُمَّتين لاءِ هڪ ادا اختيار ڪئي. صحابي آيا، سواري گهريائون، حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم سواري عطا نه فرمائي، رستو ٻڌايو ته فلاڻي صحابي کان وڃي وٺو، پوءِ فرمايائون: اِنَّ ‌الدَّالَّ ‌عَلَى ‌الْخَيْرِ ‌كَفَاعِلِهِ  بيشڪ ڀلائيءَ جو رستو ٻڌائڻ وارو به ڀلائي ڪرڻ واري جيان آهي.

ڄڻ ته غريبن کي اهو درس ڏنو پيو وڃي ته اي اُهي ماڻهو! جيڪي صدقو نه ٿا ڪري سگهو، اي اهي ماڻهو! جيڪي خدا جي راهه ۾ لکين ڪروڙين رپيا خرچ نه ٿا ڪري سگهو، توهان وسيلو بڻجندا ڪريو! ڏيڻ وارن کان وٺي وٺڻ وارن تائين پهچائيندا ڪيو! * ڪنهن شخصيت کان وٺي مسجد تائين پهچايو! * اميرن کان وٺي مدرسن تائين پهچايو! توهان جو ائين وچ ۾ واسطو بڻجڻ، مصطفيٰ جي ادا به آهي ۽ ثواب ڪمائڻ جو ذريعو به آهي.

دين جو هڪ اهم اصول

پيارا اسلامي ڀائرو! حديث پاڪ ۾ جيڪو ارشاد ٿيو، اهو اصول آهي. ان کي پنهنجي ذهن ۾ ويهاري ڇڏڻ گهرجي! اِنَّ ‌الدَّالَّ ‌عَلَى ‌الْخَيْرِ ‌كَفَاعِلِهِ ڀلائيءَ جو رستو ٻڌائڻ وارو ڀلائي ڪرڻ واري جيان آهي. 

علامه مُناوِي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    هن حديث پاڪ جي حوالي سان جيڪا گفتگو فرمائي آهي ان جو مفهوم هي آهي ته ڀلائيءَ جو رستو ٻڌائڻ واري ڀلائيءَ


 

 



[1]... حدائقِ بخشش، صفحہ:228۔