Naikiyon Me Hissa Milaiye

Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye

ڏئي * ڀلي اڌ يونٽ ڏئي * ڀلي چوٿون حصو (چوٿائي) يونٽ ڏئي * 15 يونٽ ڏئي * 115 يونٽ ڏئي * 1500 يونٽس ڏئي، سڀني کي انهن جي اخلاص جي مطابق اَجرِ عظيم نصيب فرماءِ، پنهنجو محتاج رک ۽ غير جي محتاجيءَ کان بچاءِ.  اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم  

عُلَماءِ ڪِرام جي خدمت ڪريو

حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه         (جيڪي امام اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه            جا خاص شاگرد ۽ فقهءِ حنفيءَ جي آئمه مان آهن) علم وارن سان خاص طور تي ڀلائي ڪندا هئا. کين عرض ڪيو ويو: اوهان سڀني سان هڪ جهڙو سلوڪ ڇو نه ٿا ڪريو؟ فرمايائون: مان انبياء عَلَیْهِم السَّلَام  ۽ صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم کان پوءِ عالمن کان سواءِ ڪنهن جي به مقام کي بلند نه ٿو سمجهان. جيڪڏهن هڪ به عالم جو ڌيان سندس ضرورتن جي ڪري هٽندو ته هو صحيح نموني دين جي خدمت نه ڪري سگهندو ۽ ديني تعليم تي سندس صحيح توجهه نه رهندي. لهٰذا انهن کي علمي خدمت جي لاءِ فارغ ڪرڻ افضل آهي. ([1])

اَبُوذَر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو بهترين اُٺُ

حضرت ابوذرغفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ مديني شريف جي ويجهو هڪ وَسَنديءَ ۾ رهندا هئا. گذر سفر جي لاءِ انهن وٽ ڪجهه اُٺَ ۽ هڪ ڪمزور ڌنار(مال چارڻ وارو) هو. هڪ دفعي قبيلي بنو سليم جي هڪ شخص سندن خدمت ۾ عرض ڪيو: حضور! جيڪڏهن توهان اجازت ڏيو ته مان توهان جي صحبت ۾ رهي توهان کان فيض به حاصل ڪريان ۽ توهان جي ڌنار جو ساٿ به ڏيان. حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمايو: جيڪڏهن تون مون سان گڏ رهڻ چاهين ٿو ته توکي منهنجي اطاعت ڪرڻي پوندي. عرض ڪيو ويو: حضور! ڪهڙي ڳالهه ۾ اطاعت؟ ارشاد فرمايائون: جڏهن مان پنهنجي مال مان ڪا شيءِ خدا جي راهه


 

 



[1]... مکاشفۃ القلوب ،باب فی فضل الصلاۃ و الزکاۃ،صفحہ:417 ۔