Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye
برڪت سان تڪبر کي دور ڪندو آهي. ([1]) * صدقو 70 قسمن جي بلائن کي روڪيندو آهي، جن مان ننڍي ۾ ننڍي بلا جسم جو بگڙڻ ۽ اڇا داغ آهن([2]).
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم : هفتيوار اجتماع
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪيون ڪرڻ، نيڪين جو جذبو حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ کي گناهن کان بچائڻ جو ذهن حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو. 12 ديني ڪمن ۾ به حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون خوب برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع به آهي.
توهان کي التجا آهي ته هفتيوار اجتماع ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪندا ڪريو! * ديني اجتماع ۾ ويهڻ ۽ ذڪر ڪرڻ وارن جو پنهنجو ته ڪهڙو نه اعليٰ شان هوندو! جو حديث پاڪ جي مطابق جيڪو سندن پاسي ۾ به ويهندو آهي، اهو به بدبخت نه رهندو آهي.
الحمد للہ! هفتيوار اجتماع ۾ ذڪر ٿيندو آهي * علمِ دين سکڻ جو موقعو ملندو آهي * نيڪ صحبت ۾ ويهڻ * ۽ مسجد ۾ وقت گذارڻ نصيب ٿيندو آهي * هڪ اهم برڪت اها ته ديني اجتماع جي لاءِ وڃڻ به خدا جي راهه ۾ نڪرڻ آهي، هفتيوار اجتماع ۾ تشريف کڻي ايندا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهر مان نڪرڻ کان واپس موٽڻ تائين سڄو وقت خدا جي راهه ۾ شمار ٿيندو. هر خميس يعني جمعي جي رات پابنديءَ سان هفتيوار اجتماع ۾ شروع کان آخر تائين