Naikiyon Me Hissa Milaiye

Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye

شريڪ ٿيڻ جي نيت ڪري وٺو! اچو ته ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا: 

اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ جي لذت

هڪ اسلامي ڀاءُ جي خط جو خلاصو آهي ته منهنجو تعلق بدمذهب گهراڻي سان هو. دعوتِ اسلامي سان منسلڪ ٿيڻ جي سعادت هن طرح نصيب ٿي جو هڪ دفعي دعوتِ اسلامي جي هڪ عاشقِ رسول اسلامي ڀاءُ سان ملاقات ٿي. هنن مون کي هفتيوار سنتن ڀريي اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت پيش ڪئي، جنهن کي مون نه چاهيندي به قبول ڪري ورتو. جڏهن مان اجتماع ۾ شريڪ ٿيس ته اتي ٿيڻ واري پرسوز بيان ۽ رقت انگيز دعا منهنجي دل ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، جنهن سبب مون کي دِلِي سڪون حاصل ٿيو. بس پوءِ ته اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجو معمول بڻجي ويو. گهر وارن کي خبر پئي ته هنن رڪاوٽون وجهڻ شروع ڪيون. پر الله پاڪ جي عطا ڪيل توفيق سان مان ڪنهن نه ڪنهن طرح اجتماع ۾ پهچي ئي ويندو هئس. هاڻي منهنجو نيڪيون ڪرڻ جو جذبو ڏينهون ڏينهن وڌندو پئي ويو. منهنجي اخلاق ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي وئي، گهر وارن جڏهن منهنجي اخلاق ۽ ڪردار ۾ اچڻ واري تبديلي ڏٺي ته آهستي آهستي هنن به نرمي ڪرڻ شروع ڪئي. اَلحمدُ لِلّٰہ! اجتماع جي برڪت سان صحيح عقيدا اختيار ڪرڻ، مٿي تي عمامو شريف سجائڻ ۽ سنت جي مطابق ڏاڙهي رکڻ جي سعادت نصيب ٿي وئي. 

تِرا شکر مولا دیا دینی ماحول                          نہ چھوٹے کبھی بھی خدا دینی ماحول

سلامت رہے یاخدا دینی ماحول                  بچے بد نظر سے سدا دینی ماحول

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

المدينه آن لائن لائبريري

پيارا اسلامي ڀائرو!  اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جو آئي ٽي ڊپارٽمينٽ ڏينهون ڏينهن اسان کي علمِ دين سکڻ جا آسان وسيلا فراهم ڪرڻ ۾