Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye
۽ جيڪي سوشل ميڊيا جهڙوڪ واٽس ايپ وغيرهه استعمال ڪندا آهن، اهي رضاءِ الٰهي ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان هي رسالو ٻين سان به شيئر (Share) ڪريو!
غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سيرت ۽ حالاتِ مبارڪه تي مشتمل امير اہلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي بيانن جو حسين مجموعو شانِ غوثِ اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪتابي صورت ۾ مڪتبـﺔ المدينه تي پهچي چڪو آهي. هي ڪتاب مڪتبـﺔ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 160 رپين ۾ قيمتاً طلب ڪريو، پاڻ به مطالعو ڪريو! ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
سنت جي فضيلت ۽ ڪجهه آدابِ زندگي
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگيءَ جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شهنشاهه نبوت صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِيْ فَقَدْ اَحَبَّنِيْ وَمَنْ اَحَبَّنِيْ كَانَ مَعِيَّ فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، اُن مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
حِلم (قُوَتِ برداشت) سنتِ مصطفيٰ آهي
2 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): حِلم وارو دنيا ۾ به سردار آهي ۽ آخرت ۾ به سردار آهي. ([2]) (2): حِلم جي ذريعي ٻانهو ڏينهن جو روزو رکڻ ۽ رات جو قيام (يعني عبادت) ڪرڻ واري جهڙو درجو حاصل ڪري وٺندو آهي. ([3])