Book Name:Naikiyon Me Hissa Milaiye
اي عاشقانِ رسول! حِلم سنتِ مصطفيٰ آهي. * اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به اجايو ڪاوڙ جو اظهار نه فرمايو * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي ذات جي متعلق ڪنهن کان به انتقام نه وٺندا هئا * اڳين آسماني ڪتابن ۾ سندن هي وصف به بيان ٿيو آهي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان جيترو جهالت وارو سلوڪ ڪيو ويندو، اوترو ئي سندن حِلم وڌندو ويندو. ([1])
حِلم جي باري ۾ مدني گُلَ: * حلم الله پاڪ جي صفت آهي * حِلم الله پاڪ جو پسنديده وصف آهي * حِلم نبين جي سنت آهي * حِلم جو مطلب آهي: آهستگي، بردباري (نرم مزاجي).
امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: تحمل (يعني بردباري) غصو پيئڻ کان افضل آهي، ڇوته غصو پيئڻ جي ضرورت ان کي هوندي آهي، جنهن جو غصو سخت ٿي وڃي، جڏهن ته حِلم واري کي غصي ۾ جوش ايندو ئي نه آهي.([2]) * حِلم سان بزرگي ملندي آهي.
حَلِيم بڻجڻ جا طريقا: * حِلم تَڪَلُفَ سان ايندو آهي (يعني ٻانهو ڪوشش سان، تَڪَلُفَ ڪري غصو پيئندو رهي، آهستي آهستي طبيعت ۾ حِلم پيدا ٿي ويندو) * عمامو ٻڌڻ سان حِلم وڌندو آهي * ٻَڪريون چارڻ سان به طبيعت ۾ حِلم پيدا ٿيندو آهي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبـﺔ المدينه جو شايع ٿيل بهار شريعت جلد: 3 مان حصو 16 ۽ شيخ طريقت، امير اهل سنت مولانا الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ جو 91 صفحن تي مشتمل رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سنتون سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ به آهي.