Sikka Naya Chalega

Book Name:Sikka Naya Chalega

هڪ مدني پرچم ربيع الاول شريف جي چنڊ واري رات کان وٺي 12 ربيع الاول تائين سجايو. بسن، ويگنن، ٽرڪن، ٽرالن، ٽيڪسين، رڪشن، ريڙهن، گهوڙا گاڏين وغيره تي مدني پرچم ٻڌي ڇڏيو. پنهنجي سائيڪل، اسڪوٽر ۽ ڪار تي به لڳايو. هر طرف مدني پرچمن جون بهارون مهڪنديون نظر اينديون. عموماً ٽرڪن جي پويان جاندارن جون وڏيون وڏيون تصويرون ۽ فضول شعر لکيل هوندا آهن. ٿي سگهي ته پنهنجي گاڏين تي هي لکايو: ”مون کي دعوتِ اسلامي سان پيار آهي.“

دعاءِ عطار: يا ربِ مصطفيٰ! جيڪو به پنهنجي اسڪوٽرن تي (صرف اڳيان کان ۽) ڪارن، ٽيڪسين، بسن، ٽرڪن، ٽرالن، پاڻي جي ٽينڪن، ويگنن، رڪشن، سوزوڪين وغيره تي اڳيان يا پويان يا ٻنهي طرف ”مون کي دعوتِ اسلامي سان پيار آهي“ لکي يا لکرائي يا ان جو اسٽيڪر لڳائي يا لڳرائي، ان جي گاڏيءَ جي حادثي (Accident) کان حفاظت فرماءِ ۽ ان جي بي حساب بخشش فرماءِ ، جيڪو ڪنهن گاڏي واري کي هن ڪم لاءِ تيار ڪري ان جي حق ۾ به هي دعائون قبول فرماءِ.

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

ضروري احتياط (Precautions): جيڪڏهن جهنڊي تي سائو گنبد، نقشِ نعلِ پاڪ يا ڪا لکت هجي ته ان ڳالھ جو خيال رکو ته نه اهو ڦاٽي، نه اڏامي زمين تي اچي. جيڪڏهن ادب نٿو ٿي سگهي ته اهڙو پرچم نه لڳرايو، 12 ربيع الاول شريف جو ڏينهن جيئن ئي گذري وڃي فوري طور تمام جهنڊا ۽ لائٽنگ جو سامان لاهي ڇڏيو. خاص ڪري مدني مرڪز فيضانِ مدينه ۽ مسجدون دعوتِ اسلامي ۽ جامعة المدينه ۽ مدرسة المدينه (گرلز، بوائز) انهن مان به بروقت هي ترڪيب ڪئي وڃي.

نبی کا جھنڈا لے کر نکلو دنیا پر چھا جاؤ                                            نبی کا جھنڈا اَمْن کا جھنڈا گھر گھر میں لہراؤ

 (6): پنهنجي گهر تي 12 جهالرن (يعني لڙين) يا گهٽ ۾ گهٽ 12 بلبن سان ۽ پنهنجي محلي ۾ به 12 ڏينهن تائين ۽ پنهنجي مسجد تي اتي جي عرف مطابق چراغان (يعني لائٽنگ) ڪريو. جتي مسجد جي چندي سان 12 ڏينهن تائين چراغان جو عرف (يعني معمول) نه هجي ته ان ڪم لاءِ الڳ کان چندو ڪري 12 ڏينهن تائين چراغان ڪري سگهجي ٿو. سڄي علائقي کي مدني