Book Name:Sikka Naya Chalega
جي سوالن جا جواب آسان ڪيا ويندا آهن. ([1]) ٭ حضرت خواجه جنيد بغدادي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائي ٿو: محفلِ ميلاد شريف ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ هن محفل جي عزت ۽ تڪريم ڪرڻ سان ايمان مضبوط ٿئي ٿو. [2]٭ حضرت سَرِي سقطي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: جيڪو محفلِ ميلاد ۾ وڃڻ جو ارادو ڪري، اهو اصل ۾ جنت جي باغن ۾ وڃڻ جو ارادو ڪري ٿو، ڇو ته محفلِ ميلاد صرف ۽ صرف محبتِ رسول جي ڪري ئي سجائي ويندي آهي ۽ رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عالي شان آهي: مَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ جيڪو مون سان محبت ڪري، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([3])
1500 واں جشنِ ولادت مرحبا! صد مرحبا! آئے شاہِ ختمِ نبوت مرحبا! صد مرحبا!
آئے تاجدارِ رسالت مرحبا! صد مرحبا! آئے جہاں میں جانِ رحمت مرحبا! صد مرحبا!
صاحبِ عظمت و شان و شوکت مرحبا! صد مرحبا! سب سے بڑی اللہ کی نعمت مرحبا! صد مرحبا!
آمنہ چمکی تیری قسمت مرحبا! صد مرحبا! گود میں آئی ربّ کی رحمت مرحبا! صد مرحبا!
اي عاشقانِ رسول! اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو 1500 هون ميلاد پاڪ آهي، هر گهر سجايو! گهٽيون به سجايو! خوب ڌومون مچايو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عموماً عاشقانِ رسول جي تقريبًا هر مسجد ۾ محفلِ ميلاد سجندي آهي ، ان سان گڏوگڏ ڪوشش ڪيو ته ڪو امير هجي يا غريب، هر عاشقِ رسول پنهنجي گهر ۾ به محفلِ ميلاد جو اهتمام ڪري. جن کي الله پاڪ استطاعت ڏني آهي، اهي چاهن ته وڏي پيماني تي محفلِ پاڪ جو اهتمام ڪن ۽ جيڪي غريب آهن، اهي به پنهنجي استطاعت مطابق گهر ۾ محفلِ پاڪ جو اهتمام ڪن، چاهي مختصر پروگرام هجي پر محفلِ ميلاد لازمي ڪن. ڪا مشڪل ناهي، پنهنجي گهر ۾ جتي سهولت هجي پردي جي اهتمام