Sikka Naya Chalega

Book Name:Sikka Naya Chalega

جو ذريعو بڻجي وئي ٭ وڌيڪ فرمايائون: اسان کي سلام اهو ڏنو ويو، جيڪو اهلِ جنت جو سلام آهي (يعني اسان جيڪو ملاقات وقت ٱَلسَّلَامُ عَلَيْكُمْ چئون ٿا، هي پهرين امتن ۾ نه هو، اسان کي ئي ڏنو ويو، تنهنڪري جڏهن به مسلمان ڀائرن سان ملو، سلام به ڪيو ۽ ساڻ ئي دل ۾ شڪر به ادا ڪريو ته هي سلام به ولادتِ مصطفيٰ جي ئي برڪت آهي) ٭ فرمايائون: اسان کي آمين ڏني وئي، جڏهن ته هي اڳوڻن نبين کي به نه ڏني وئي هئي.[1]

سُبْحٰنَ الله! آمين کي دعا جي مهر قرار ڏنو ويو آهي. هي آمين جو لفظ اڳوڻن نبين کي به عطا نه ٿيو هو، اسان کي ڏنو ويو،  تنهنڪري جڏهن به دعا گهرو، آمين چئو ته دل ۾ شڪر ڪيو ته هي لفظ به ولادتِ مصطفيٰ جو صدقو آهي  ٭ اسان مصيبت وقت اِنَّا لِلَّهِ وَاِنَّا اِلَيْهِ رَاجِعُونَ پڙهندا آهيون،([2])  ان جي فضيلت هي آهي ته جيڪو ٻانهو مصيبت تي اِنَّا لِلَّهِ پڙهي ٿو، ان تي الله پاڪ رحمتون به موڪليندو آهي، درود به موڪليندو آهي ۽ گڏوگڏ ان جي دل ۾ هدايت به وجهندو آهي.([3]) اِنَّا لِلَّهِ وَاِنَّا اِلَيْهِ رَاجِعُونَ به هن اُمَّت جي خصوصيتن مان آهي، تنهنڪري جڏهن به اِنَّا لِلَّهِ  پڙهو ته دل ۾ شڪر ادا ڪريو ته هي به ولادتِ مصطفيٰ جو صدقو آهي ٭ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ مون سان منهنجي امت جي معاملي ۾ وعدو فرمايو ته انهن کي (عام) ڏڪار ۾ مبتلا ڪري هلاڪ نه فرمائيندو ۽ انهن تي دشمن کي (مڪمل) غلبو نه ڏيندو. ([4])

يعني ائين ڪڏهن به نه ٿيندو ته ڏڪار پوي ۽ سڄي امت هلاڪ ٿي وڃي، جيئن پهرين امتن کي گناهن جي سبب ڏڪار ۾ مبتلا ڪيو ويندو هو، اهڙي طرح دشمن کي اهڙو غلبو به نه ڏنو ويندو جو سڄي امت ئي شڪست کائي وڃي، جيئن بني اسرائيل تي بخت نصر کي مسلط ڪيو ويو هو.