Sikka Naya Chalega

Book Name:Sikka Naya Chalega

وضاحت: مون کي ته هي ڊپ ۽ خوف ستائي رهيو هو ته نه ڄاڻ هن دنيا ۾ ئي الله پاڪ منهنجي گناهن تي منهنجي پڪڙ فرمائيندو يا پوءِ آخرت ۾ رسوا ٿيڻو پوندو، پر قربان وڃان! پنهنجي آقا ۽ مولا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رحمت تي، جنهن مون گنهگار کي پنهنجي دامن ۾ لڪايو ۽ چيو: نه گهٻراءِ، تون هتي به امان ۾ آهين ۽ آخرت ۾ به.

سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هاڻي ته ربيع الاول شريف اچڻ وارو آهي، هاڻي ته اسان کي ميلاد ملهائڻو ئي ملهائڻو آهي، حق هي بڻجي ٿو ته اسان روزانو جڏهن صبح جو اٿون، دروازي کان ٻاهر نڪرون، ٿورو اک کڻي ڪري دروازي جي چوڪٺ کي ڏسون، اسان جي گناهن جي فهرست اتي موجود نه هجي ته يادِ مصطفيٰ ۾ تڙپي، شڪر جي جذبي سان ٽمٽار ٿي چئون: اي الله پاڪ! تو محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پيدا فرمايو، ان جي صدقي اسان گنهگارن جي عيبن تي پردو اچي ويو، اي مالڪ ڪريم! تنهنجو لک لک شڪر آهي.

پياري آقا جون وڌيڪ نوازشون

پيارا اسلامي ڀائرو! محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آڻڻ سان وڌيڪ ڪهڙا ڪهڙا انعام اسان تي ٿيا، خلاصتاً ٻڌو! ٭ فرمايائون: زمين کي اسان لاءِ پاڪائي جو ذريعو بڻايو ويو (پهرين امتن لاءِ ائين نه هو). ([1])

يعني اسان کي جيڪڏهن پاڻي نه ملي ته اسان مٽي جي ذريعي تيمم ڪيون، اسان پاڪ ٿي وينداسين، پهرين امتن کي پاڻي جي ذريعي ئي پاڪائي ملندي هئي.

سُبْحٰنَ الله! هي به ڪيڏو عظيم شان آهي، پهريان لڳ ڀڳ هڪ لک 24 هزار انبياء ڪرام تشريف کڻي آيا، سڀ وڏي اوچي شان وارا هئا، تمام گهڻي ڪمال وارا هئا پر مٽي کي پاڪائي جو ذريعو ڪنهن لاءِ به نه بڻايو ويو، هي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ئي شان آهي، سندن ولادت پاڪ جي ئي برڪت آهي، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا مقدس قدم هن زمين تي لڳي ويا، هي سڄي زمين پاڪائي