Sikka Naya Chalega

Book Name:Sikka Naya Chalega

نور وارو آيو آ، نور کڻي آيو آ

حضرت سالم بن عبدالله رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي: (صحابه ڪرام ۽ تابعين جي زماني جي ڳالھ آهي) هڪ ڀيرو ٻه شخص ويهي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا، انهن مان هڪ چيو: مون ڪلھ رات خواب ۾ سڀني انبياء ڪرام عَلَیْهم السَّلَام  جي زيارت ڪئي. ٻئي چيو: پوءِ ٻڌاءِ! تو ڇا ڏٺو؟ هاڻي خواب ڏسڻ وارو پنهنجو خواب ٻڌائڻ لڳو، چيائين: مون ڏٺو؛ هر نبي عَلَیْهِ السَّلَام  سان چار چار چراغ (ڏيئا) هئا ٭ هڪ چراغ انهن جي سامهون ٭ هڪ انهن جي پويان ٭ هڪ انهن جي ساڄي طرف ٭ هڪ کاٻي طرف. پوءِ هر نبي عَلَیْهِ السَّلَام سان انهن جو هڪ صحابي به هو، ان وٽ به هڪ هڪ چراغ هو.

پوءِ مون ڏٺو؛ (هڪ عظيم مرتبي وارو) نبي اُٿي بيٺو، انهن جي بيهڻ سان ئي سڄي زمين روشن ٿي وئي، انهن جي مبارڪ مٿي جي هر وار سان هڪ چراغ هو ۽ انهن جا صحابي جيڪي انهن سان گڏ هئا، انهن سان هڪ هڪ نه پر چار چار چراغ هئا. هي منظر ڏسي مون پڇيو: مَنْ هٰذَا يعني هي ايڏو بلند رتبي وارو نبي جن جي بيهڻ سان ئي سڄي زمين روشن ٿي وئي، هي ڪير آهي؟ ته جواب آيو: مُحَمَّدُ بْنُ عَبْدِ الله يعني هي مُحَمَّد بن عبدالله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي.

نُور والا آیا ہے، نُور لے کر آیا ہے                           سارے عالَم میں یہ دیکھو کیسا نُور چھایا ہے

پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن اهي ٻئي شخص پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا، يعني هڪ خواب ٻڌائي رهيو هو، ٻيو ٻڌي رهيو هو، ان وقت عظيم تابعي بزرگ حضرت ڪعب الاحبار رَضِیَ اللهُ عَنْہُ (جيڪو توريت شريف جو وڏو ماهر عالم هو)، (انهن) جي ڪنن ۾ انهن ڳالهين جو آواز ويو، پاڻ فرمايائون: هي توهان ڇا ڳالهيون ڪري رهيا آهيو (يعني هي جيڪو توهان ٻڌائي رهيا آهيو، اها ڳالھ توهان ڪٿان پڙهي، ٻڌي آهي)؟ خواب ٻڌائڻ واري چيو: نه...! هي ڪا پڙهيل ٻڌل ڳالھ ناهي، پر هي ته مون رات خواب ڏٺو هو، اهو بيان ڪري رهيو آهيان. هي ٻڌي حضرت ڪعب الاحبار رَضِیَ اللهُ عَنْہُ چيو: وَالَّذِیْ بَعَثَ مُحَمَّدًا بِالْحَقِّ اِنَّہَا فِیْ کِتَابِ اللہِ  کَمَا رَاَیْتَ   يعني ان ربِ ڪائنات جو قسم! جنهن مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي سچو نبي بڻائي