Sikka Naya Chalega

Book Name:Sikka Naya Chalega

آسانيون پيدا ڪرڻ وارو نبي

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڪل 9 اوصافِ مصطفيٰ آهن جيڪي هن جاءِ تي ذڪر ٿيا، هونئن ته انهن مان هر وصف ئي اهڙو آهي جو ان تي پورو پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو، مان صرف هڪ وصفِ پاڪ طرف توجه ڏيارڻ چاهيان ٿو، الله پاڪ فرمايو:

وَيَضَعُ عَنْهُمْ اِصْرَهُمْ وَالْاَغْلٰلَ الَّتِيْ كَانَتْ عَلَيْهِمْ

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ انهن جي مٿان کان اهي بار ۽ قيدون لاهين ٿا جيڪي انهن تي هيون.

يعني اي موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام! بني اسرائيل تي تمام گهڻا احڪام ڏاڍا مشڪل مشڪل آهن، اسان جو محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آسانيون ورهائڻ وارو نبي بڻجي تشريف آڻيندو، ٭ بني اسرائيل جي توبه جي هي صورت رکي وئي جو بعض گناهن ۾ پاڻ کي هلاڪ ڪن تڏهن توبه قبول ٿيندي پر محبوب     صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اچڻ کان پوءِ دستور الڳ هوندو، ٻانهي ڪيترو به وڏو گناھ ڇو نه ڪيو هجي، صرف شرمندگي جي ٻن ڳوڙهن سان گناھ ڌوپجي ويندا   ٭ بني اسرائيل ۾ دستور آهي، جنهن عضوي سان گناھ ٿي وڃي، ان عضوي کي ڪٽي ڇڏيو وڃي، محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اچڻ کان پوءِ دستور بدلجي ويندو، عضوا ڪٽڻا نه پوندا ٭ بني اسرائيل لاءِ قانون آهي، ڪپڙي تي گندگي لڳي وڃي ته ان کي ڪٽي پاڪ ڪيو ويندو، محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اچڻ سان دستور نئون هوندو، پاڻي سان ڌوئي ڪپڙو پاڪ ٿي ويندو ٭ بني اسرائيل لاءِ انداز هي آهي ته ڪو گناھ ڪري ته ان جي دروازي تي گناھ لکيو ويندو آهي، جڏهن پيارو محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف وٺي ايندو، پوءِ رحمتن جو اظهار به نئين انداز سان ٿيندو، گناهن تي پردو وڌو ويندو. ([1])

آئی نئی حکومت، سکّہ نیا چلے گا                                     عالَم نے رنگ بدلا صبح شبِ وِلادت

خطبہ ہوا زمیں پر سکّہ پڑا فلک پر                                   پایا جہاں نے آقا صبحِ شبِ وِلادت

پڑھتے ہیں عرش والے سنتے ہیں فرش والے                 سلطانِ نو کا خطبہ صبحِ شبِ وِلادت


 

 



[1]... تفسیر صراط الجنان،پارہ:9، سورۂ اعراف، زیرِ آیت:157، جلد:3، صفحہ:451 بتصرف ۔