Book Name:Sikka Naya Chalega
صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فضائل جو به ذڪر آهي ۽ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! قرآن ڪريم ۾ 2، 4 اَلْحَمْدُ لِلّٰہ!ڀيرا نه پر هڪ محتاط اندازي (Estimate) مطابق ڪل 27 جاين تي ميلاد (يعني پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دنيا ۾ تشريف آوري) جو ذڪر موجود آهي.
حسنؔ وِلادتِ سرکار سے ہوا روشن مرے خُدا کو بھی پیاری ہے بارہویں تاریخ([1])
وضاحت: يعني اي حَسن! الله پاڪ کي ٻارهين تاريخ ايتري ته پياري آهي، جو هن مديني واري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت لاءِ هن تاريخ جو ئي انتخاب فرمايو.
اچو! انهن 27 جاين مان هڪ جاءِ جي آيتِ سڳوري ٻڌون:
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
لَقَدْ مَنَّ اللّٰهُ عَلَى الْمُؤْمِنِیْنَ اِذْ بَعَثَ فِیْهِمْ رَسُوْلًا (پارو:4، آلِ عمران:164)
ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ الله ايمان وارن تي وڏو احسان فرمايو جڏهن انهن ۾ هڪ رسول موڪليائين.
بغير محنت جي ۽ بغير معاوضي جي، صرف بطورِ احسان جيڪو انعام عطا ڪيو وڃي، ان کي عربي ۾ "مَنّ" چيو ويندو آهي. ([2]) الله پاڪ فرمايو: اسان ايمان وارن تي ”مَنّ“ فرمايو، يعني بغير محنت جي، بغير معاوضي جي، فقط بطورِ احسان انهن کي هي نعمت ڏئي ڇڏي ته پنهنجي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي انهن جي هدايت لاءِ موڪليو آهي.
رَبِّ اعلیٰ کی نعمت پہ اعلیٰ درود حق تَعَالیٰ کی مِنَّت پہ لاکھوں سلام
ہم غریبوں کے آقا پر بےحد درود ہم فقیروں کی ثَرْوَت پہ لاکھوں سلام([3])