Book Name:Sikka Naya Chalega
هڪ ڀيري هڪ صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! بني اسرائيل کان جڏهن گناھ ٿي ويندو هو ته اهي ڪفارو ادا ڪندا هئا، ڪاش! اسان لاءِ به اهڙا ئي ڪفارا مقرر هجن ها. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌو ته 3 ڀيرا فرمايو: اَللَّهُمَّ لَا نَبْغِيْهَا اي الله پاڪ! اسان هي نٿا چاهيون، اي الله پاڪ! اسان هي نٿا چاهيون، اي الله پاڪ! اسان هي نٿا چاهيون.
پوءِ فرمايائون: توهان کي جيڪو ڪجھ ڏنو ويو آهي، اهو ان کان بهتر آهي جيڪو بني اسرائيل کي ڏنو ويو هو، بني اسرائيل ۾ ڪنهن کان گناھ ٿي ويندو هو ته ان جو گناھ ۽ ان جو ڪفارو دروازي تي لکيو ويندو هو، جيڪڏهن اهو ڪفارو ڏيندو هو ته دنيا ۾ رسوائي ٿيندي هئي، نه ڏيندو هو ته آخرت ۾ رسوائي جو سبب بڻبو هو، توهان لاءِ الله پاڪ فرمايو: ([1])
وَ مَنْ یَّعْمَلْ سُوْٓءًا اَوْ یَظْلِمْ نَفْسَهٗ ثُمَّ یَسْتَغْفِرِ اللّٰهَ یَجِدِ اللّٰهَ غَفُوْرًا رَّحِیْمًا(۱۱۰) (پارہ:5، سورۀ النساء:110)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جيڪو به برو ڪم ڪري يا پنهنجي جان تي ظلم ڪري پوءِ الله کان بخشش گهري ته الله کي بخشڻهار مهربان لهندو.
يعني توهان مان ڪو گناھ ڪري ته ان جي دروازي تي گناھ لکيو نٿو وڃي، ڪفارو ڏئي ماڻهن جي سامهون رسوائي نٿي ٿئي، توهان لاءِ هي قانون رکيو ويو ته گناھ ٿي ويو، بس گهر ۾ لڪي شرمندگي جا ڳوڙها وهايو! سچي دل سان توبه ڪري وٺو، دنيا به سٺي ٿي ويندي، آخرت ۾ به عذاب کان بچي ويندؤ.
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪيڏي نه پياري ڳالهه لکي آھي:
ڈر تھا کہ عصیاں کی سزا، اب ہو گی یا روزِ جزا
دِی اُن کی رحمت نے صدا، یہ بھی نہیں، وہ بھی نہیں([2])