Sikka Naya Chalega

Book Name:Sikka Naya Chalega

موڪليو آهي! توهان ته هي خواب ڏٺو آهي، پر مون بلڪل اها ئي ڳالھ الله پاڪ جي نازل ڪيل اڳوڻي آسماني ڪتاب ۾ پڙهي آهي. ([1])

سُبْحٰنَ الله! ڪيڏو شان آهي اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو...!! ان مان معلوم ٿيو؛ اسان جو آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نور به آهي، نور وارو به آهي ۽ حضرت ڪعب الاحبار رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي وضاحت مطابق اڳوڻن آسماني ڪتابن ۾ به اهو ئي لکيل هو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو مبارڪ نور آهي جو جنهن جي ذريعي سڄي زمين نور سان چمڪي پئي .

چار جانِب روشنی ہے سب سماں ہے نُور نور      حق نے پیدا آج اپنے پیارے کو فرمایا ہے

آگے پیچھے، دائیں بائیں نور ہے چاروں طرف    آ گیا  ہے  نُور  والا،  نُور  والا  آیا  ہے([2])

نور وارو آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جو آقا ۽ مولا، رسولِ خدا، احمدِ مجتبيٰ   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نور آهن، هي ڳالهه الله پاڪ جي پاڪيزه ڪلام قرآن ڪريم ۾ به موجود آهي. جيئن ته سيپارو 6، سورت مائده، آيت 15 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

قَدْ جَآءَكُمْ مِّنَ اللّٰهِ نُوْرٌ وَّ كِتٰبٌ مُّبِیْنٌۙ(۱۵) (پارہ:6، سورۂ مائدۃ:15)

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ توهان وٽ الله جي طرف کان هڪ نور اچي ويو ۽ هڪ روشن ڪتاب.

  هن آيتِ سڳوريءَ ۾ لفظِ ”نور“ مان ڇا مراد آهي، ان باري ۾ ٭ امام بغوي ٭ امام جلال الدين سيوطي ٭ امام رازي ٭ علامه صاوي  ٭ علامه ملا علي قاري ٭ علامه محمود آلوسي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهم  ۽ ٻيا ڪيترائي مُفسّرَ سڳورا فرمائن ٿا: هن نور مان نور وارو آقا، مڪي مدني مصطفيٰ       صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مراد آهي. ([3])


 

 



[1]... سُبُلُ الْھُدیٰ وَ الرَّشاد،جماع ابواب خصائصہ …الخ،الباب الثالث ،جلد:10،صفحہ:385۔

[2]... وسائلِ بخشش،صفحہ:460 ملتقطًا۔

[3]... تفسیر صراط الجنان،پارہ:6،المائدہ،زیرِ آیت:15 ،جلد:2 ،صفحہ:400-  401 خلاصۃً۔