Book Name:Sikka Naya Chalega
کیا تم کو نورِ مُجَّسَم خُدا نے زمیں پر نہیں پڑتا سایہ تمہارا([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
ماهِ ميلاد جي آمد...!! مرحبا...!!
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ماھِ ميلاد جي آمد آمد آهي ۽ هن ڀيري ماهِ ميلاد يعني ربيع الاول شريف هڪ نئين شان سان تشريف آڻي رهيو آهي، جي ها...!! هن ڀيري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو 1500 هون...؟ جشنِ ولادت ٿيندو.
1500 واں جشنِ ولادت مرحبا! صد مرحبا! آئے شاہِ ختمِ نبوت مرحبا! صد مرحبا!
آئے تاجدارِ رسالت مرحبا! صد مرحبا! آئے جہاں میں جانِ رحمت مرحبا! صد مرحبا!
صاحبِ عظمت و شان و شوکت مرحبا! صد مرحبا! سب سے بڑی اللہ کی نعمت مرحبا! صد مرحبا!
آمنہ چمکی تیری قسمت مرحبا! صد مرحبا! گود میں آئی ربّ کی رحمت مرحبا! صد مرحبا!
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! سڄي دنيا ۾ 1500 هون جشنِ ولادت جي ڌوم مچي وئي آهي. عاشقانِ رسول خوش آهن، ڪوششون جاري آهن ته هن ڀيري پهريان کان وڌيڪ انداز ۾ ميلاد ملهايو وڃي. الله پاڪ اسان کي توفيق نصيب فرمائي آمين.
ذهنن ۾ سوال اٿي رهيا هوندا ته جيڪڏهن 1500 هون جشنِ ولادت آهي ته ان ۾ پوءِ نرالي ڳالھ ڇا آهي؟ ان ۾ نرالي ڳالھ آهي.؟ مان عرض ڪيان : ڏسو الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ لَلْاٰخِرَةُ خَیْرٌ لَّكَ مِنَ الْاُوْلٰىؕ(۴) (پارو:30، سوره والضحيٰ:4)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ توهان لاءِ هر پوئين گهڙي پهرين کان بهتر آهي.
يعني اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پهريان کان هي شان آهي ته پاڻ انتهائي اوچو رتبو رکن ٿا، جڏهن کان الله پاڪ کين