Sikka Naya Chalega

Book Name:Sikka Naya Chalega

  1 لک 24 هزار زبانون ذڪرِ مصطفيٰ ڪنديون هيون، 2 لک 48 هزار ڪن ذڪرِ مصطفيٰ ٻڌي سرور حاصل ڪندا هئا. هاڻي اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! يادِ مصطفيٰ ۾ تڙپندڙ دلين، ذڪرِ مصطفيٰ ڪندڙ زبانن ۽ ذڪرِ مصطفيٰ ٻڌي خوش ٿيندڙ ڪنن جي تعداد ۾ 21 لک فيصد اضافو ٿي چڪو آهي.

الله پاڪ جي بارگاھ ۾ انهن جي شان ۾ اضافو ڪيترو ٿيو، ان جو ته اسان کي علم ئي ناهي، اسان جيڪو 1500 جشن جون ڌومون مچائي رهيا آهيون، هي انهن نامعلوم شانن جي به خوشي آهي ۽ گڏوگڏ هن 21 لک فيصد اضافي جي به خوشي آهي. الله پاڪ اسان کي خوب ڌوم ڌام سان 1500 هون جشنِ ولادتِ مصطفيٰ ملهائڻ جي توفيق نصيب فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

ڪن ذهنن ۾ هي سوال به پيدا ٿي سگهي ٿو ته جڏهن هجري سال 1447 آهي ته پوءِ 1500 هون ميلاد ڪيئن؟

ان جي وضاحت هي آهي ته 1447 سال، هجرت جي واقعي کان وٺي هن وقت تائين جو عرصو آهي. جڏهن ان ۾ هجرت کان اڳ وارا 53 سال (يعني پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مڪي واري زندگي) به شامل ڪيا وڃن، ته اهو مجموعو 1500 سال ٿي وڃي ٿو.

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

قرآن ڪريم ۾ ميلاد جو ذڪر

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جو آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مخلوق ۾ سڀ کان افضل ۽ اعليٰ آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! قرآن ڪريم ۾ ​​ڪل 7 هزار جاين تي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو واضح لفظن ۾ ذڪر پاڪ آيو آهي  ٭ قرآن ڪريم ۾ ​​پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ نالن جو به ذڪر آهي ٭ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جي جاءِ (Birthplace) جو به ذڪر آهي ٭ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ عضون جو به ذڪر آهي   ٭ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صفتن جو به ذڪر آهي ٭ پاڻ ڪريم