Book Name:Sikka Naya Chalega
سان جاءِ مختص ڪيو! گهٽي محلي جي وڌيڪ نه ته 8، 10 اسلامي ڀائرن کي دعوت ڏيو! محلي جي مسجد جي عاشقِ رسول امام صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم ! اهي ذڪرِ محبوب لاءِ منع نه ڪندا، مختصر تلاوت هجي، هڪ، ٻه نعتون پڙهو! امام صاحب 15، 20 منٽن جو بيان ڪري، جيڪڏهن امام صاحب يا ڪنهن عاشقِ رسول مبلغ جي ترڪيب نه به بڻجي سگھي ته به مشڪل ناهي، شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَكَاتُهُمُ الْعَالِيَه جو رسالو آهي: صبحِ بهاران، اهڙي طرح مڪتبة المدينه جا ڪيترائي رسالا آهن؛ مثلاً ٭ سياھ فام غلام ٭ ڀيانڪ اٺ ٭ پوڙهو پوڄاري ٭ نور وارو چهرو ٭ نور جو رانديڪو ٭ عاشقِ ميلاد بادشاھ ، انهن مان ڪو به رسالو يا ٭ شانِ مصطفيٰ تي 12 بيانن وارو مختصر ڪتاب حاصل ڪريو! چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawateislami.net تان مفت ڊائون لوڊ ڪري وٺو! پاڻ ئي پڙهي ٻڌايو! بيان ٿي ويندو، آخر ۾ پنهنجي استطاعت مطابق مٺائي وغيره تقسيم ڪري ڇڏيو! جيڪڏهن مٺائي به ميسر نه هجي ته ڪا ڳالھ ناهي، جيڪو ميسر هجي، اهو ئي سهي، ميلاد ملهائڻ لاءِ لنگر يا مٺائي وغيره ضروري به ناهي، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيسو ۽ اهتمام نه پر دل جو اخلاص قبول ٿئي ٿو. تنهنڪري الله پاڪ جيڪا توفيق بخشي آهي، محفل جي شريڪن جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو! ميلاد جي محفل ٿي ويندي، ان جي صدقي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! سڄو سال گهر ۾ برڪت رهندي.
منانا جشنِ میلادُالنبی ہرگز نہ چھوڑیں گے
جلوسِ پاک میں جانا کبھی ہرگز نہ چھوڑیں گے
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هڪ ڏينهن راھِ خدا ۾
پيارا اسلامي ڀائرو! دل ۾ الله ۽ رسول جي محبت وڌائڻ، دين ۽ دنيا جون ڀلايون حاصل ڪرڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ به خوب اڳتي وڌي حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!تمام گهڻيون برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان