Sikka Naya Chalega

Book Name:Sikka Naya Chalega

هڪ ديني ڪم: هڪ ڏينهن راھِ خدا ۾ به آهي.

  دورِ حاضر جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَكَاتُهُمُ الْعَالِيَه اسان کي هي مقصد ڏنو آهي ته ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي.“     اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!  دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول هن مقصد جي تڪميل لاءِ ڳوٺ ڳوٺ، شهر جي ڀرپاسي ۽ شهر جي اهڙن علائقن ۾ جتي ديني ڪم ڪمزور آهي، اتي وڃي نيڪي جي دعوت عام ڪن ٿا ٭ ڪنهن به ڏينهن خاص ڪري جمعي يا آچر واري ڏينهن اسلامي ڀائر انهن علائقن ۾ وڃن ٿا ٭ اتي مسجد ۾ نفلي اعتڪاف ٿئي ٿو ٭ نيڪي جي دعوت عام ڪئي وڃي ٿي ٭ توهان به ايندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!٭ علمِ دين سکڻ جو موقعو ملندو ٭ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو ثواب نصيب ٿيندو ٭ راھِ خدا ۾ نڪرڻ جي سعادت ملندي ٭ حديث پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪي قدم راھِ خدا ۾ مٽيءَ هاڻا ٿين، انهن کي جهنم جي باهه نه ڇهندي. ([1]) ٭ جيڪو شخص الله پاڪ جي رضا لاءِ پنهنجي مسلمان ڀائرن وٽ شهر جي ڀرپاسي ۾ وڃي، حديث پاڪ ۾ ان لاءِ جنت جي بشارت آئي آهي. ([2])اچو ترغيب لاءِ توهان کي هڪ مدني بهار ٻڌايان ٿو.

اسان ته بس دعوتِ اسلامي جا ٿي وياسين

هڪ اسلامي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان عام نوجوانن وانگر غفلت جي زندگي گذاري رهيو هو، منهنجي قسمت جو ستارو هيئن چمڪيو جو هڪ ڏينهن اسان جي علائقي ۾ ڪجھ اسلامي ڀائر هڪ ڏينهن راھِ خدا ۾ گذارڻ لاءِ آيا، انهن مان هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي هن ديني ڪم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، تنهنڪري مان به پنهنجي ڪجھ دوستن سان گڏ شامل ٿي ويس، واپس ويندي هڪ اسلامي ڀاءُ هفتيوار اجتماع جي دعوت ڏني ته اسان عرض ڪيو: جيڪڏهن


 

 



[1]... مسند امام احمد،جلد:6، صفحہ:507، حدیث:16356۔

[2]... معجم اوسط،جلد:1، صفحہ:472، حدیث:1743۔