Sikka Naya Chalega

Book Name:Sikka Naya Chalega

خبر پئي؛ جڏهن اسان ٭ کاڌو کائون ٭ رات جو کائي سمهون ٭ صبح اٿي وري کائون ٭ جڏهن گِرَھُ وات ۾ وڃي تڏهن به ميلاد ملهايون، يعني دل ۾ شڪر ڪريون ته لکين گناهن باوجود مون کان رزق روڪيو نه ويو، هي به ولادتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو صدقو آهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! هن طرح جا ۽ ٻيا تمام گهڻا انعام آهن، جيڪي الله پاڪ محبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي ۾ اسان تي فرمايا آهن. هي سڀ انعام تقاضا ڪن ٿا ته اسان پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جون خوشيون ملهايون، ڌوم ڌام سان ملهايون، خوب ملهايون ۽ خوب جوش و جذبي سان، انتهائي عاجزي ۽ انڪساري سان، شڪر ملهايون ته الله پاڪ اهڙي باڪمال ۽ بي مثال محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو رحمت وارو دامن اسان کي عطا فرمايو آهي.

زمانہ بھر میں یہ قاعدہ ہے کہ جِس کا کھانا اُسی کا گانا

تو نعمتیں جن کی کھا رہے ہیں اُنہیں کے ہم گیت گا رہے ہیں([1])

محفلِ ميلاد جون برڪتون

   امام جلال الدين سيوطي شافعي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائي ٿو: جنهن گهر، مسجد يا محلي ۾ ميلاد شريف پڙهيو وڃي ٭ فرشتا ان گهر، مسجد ۽ محلي کي گهيري وٺندا آهن ٭ ۽ فرشتن جا سردار يعني حضرت جبرائيل، حضرت ميڪائيل، حضرت اسرافيل ۽ حضرت عزرائيل عَلَیْهم السَّلَام  ميلاد شريف پڙهڻ وارن لاءِ رحمت ۽ رضوان جي دعا ڪندا آهن ٭ جنهن گهر ۾ ميلاد شريف ڪيو وڃي ٭ الله پاڪ ان گهر کي ڏڪار ٭ وبائي مرضن ٭ باھ لڳڻ    ٭ ٻڏڻ ۽ اهڙين ٻين ڪيترين ئي آفتن کان محفوظ رکندو آهي ٭ ان گهر جي رهڻ وارن کي بغض ۽ حسد کان ٭ بري نظر کان ٭ ۽ چوري وغيره جي خطري کان بچايو ويندو آهي ٭ ۽ ان گهر جي اهلِ خانه جو ڪو فرد انتقال ڪري وڃي ته ان تي نڪيرين (يعني قبر ۾ سوال پڇڻ وارن فرشتن)


 

 



[1]... دیوانِ سالک، صفحہ:36۔