Book Name:Sikka Naya Chalega
پوءِ هاڻي اسان جا قد ڪيترا ڪيترا هجن ها؟ قاعدي مطابق ته قد منفي ۾ هليا وڃن ها، اچو اسان منفي طرف نٿا وڃون، پوءِ به 2، 4 انچ جا اسان بِندرا بِندرا (ڄامڙا ڄامڙ) رهجي وڃون ها.
الله پاڪ احسان ڪيو، محبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پيدا فرمايو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دنيا ۾ اچڻ جي هڪ برڪت سڄي انسانيت کي هي نصيب ٿي ته انساني قد ۾ گهٽتائي ٿيڻ رڪجي وئي ۽ الله پاڪ جي فضل سان اڄ اسان پوري قد سان زمين تي بيٺا آهيون.
سوال ته هي ڪيو وڃي ٿو ته ربيع الاول شريف ۾ ميلاد ڇو ملهايو وڃي ٿو، مان عرض ڪيان ٿو، ميلاد صرف ربيع الاول شريف سان خاص ناهي، حق ته هي بڻجي ٿو ته اسان جڏهن به آئيني جي سامهون بيٺا هجون، وار سنواريون، عمامو ٻَڌون، پنهنجو چهرو ڏسي خوش ٿيون، ان وقت به دل سان چئون: اي الله پاڪ! تنهنجو شڪر آهي، تو پنهنجو محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم موڪلي مون تي احسان فرمايو.
پورے قد سے میں کھڑا ہوں تو یہ تیرا ہے کرم
مجھ کو جھکنے نہیں دیتا ہے سہارا تیرا
ڪوھهِ طور تي محفلِ ميلادِ مصطفيٰ
هڪ ڀيرو الله پاڪ جو نبي حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام ڪوھِ طور تي حاضر ٿيو، الله پاڪ سان همڪلامي جو سلسلو هو، ان دوران رسولِ خدا، احمدِ مجتبيٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله اڪبر! ڪمال ڏسو! ٭ جاءِ آهي: ڪوھهِ طور. ٭ شخصيت آهي: افضل ترين نبين مان هڪ حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام. ٭ ڪلام فرمائڻ واري ذات الله پاڪ جي آهي ٭ ۽ گفتگو جو موضوع محبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا اوصاف ۽ ڪمالَ آهن. توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ڪيڏي ڪمال سان ذڪرِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٿيو هوندو...!!
ذِکْر سب پھیکے جب تک نہ مذکور ہو نمکیں حُسْن والا ہمارا نبی