Book Name:Sikka Naya Chalega
ڪئي وئي آهي (2): اي موسيٰ! اسان جو پيارو محبوب النَّبِيْ يعني غيب جون خبرون ٻڌائڻ وارو (خاص الخاص) نبي به آهي، ان کان علاوه جيترا نبي آهن، سڀني کي تاجِ نبوت ان جي صدقي عطا ڪيو ويو آهي (3): اي موسيٰ! اهو اُمِّي به آهي، يعني اهو شاندار ماءُ جو پٽ هوندو، اُمُّ القريٰ (مڪه مڪرمه ۾ تشريف آڻيندو)، دنيا ۾ ڪنهن جا شاگرد، مريد يا فيض وٺڻ وارا نه هوندا، ان باوجود شان هي هوندو جو دنيا جا وڏا وڏا عالم، وڏا وڏا فاضل، وڏا وڏا فلاسفر (Philosophers) ان جي شاگردي لاءِ تڙپندا (4): اي موسيٰ! اسان جي محبوب (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جا پاڪيزه نالا، ان جا اعليٰ اوصاف، ايتري تائين جو ان جو حليو مبارڪ تورات ۾ به موجود آهي، انجيل ۾ به هوندو، ان جا نالا، اوصاف، احوال بني اسرائيل کي ياد هوندا (5): اهو ماڻهن کي سٺين ڳالهين جو حڪم ڏيندو (6): برين ڳالهين کان منع ڪندو (7): اهي سٺيون شيون جيڪي بني اسرائيل تي انهن جي سرڪشي جي ڪري حرام ڪيون ويون آهن، اسان جو محبوب انهن کي حلال ڪري ڇڏيندو (8): اهي شيون جيڪي بني اسرائيل لاءِ عارضي طور تي حلال ڪيون ويون آهن جيئن شراب وغيره، اسان جو محبوب نبي (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) انهن کي هميشه لاءِ حرام ڪري ڇڏيندو (9): اي موسيٰ! اسان جو محبوب نبي (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) بني اسرائيل کان بار لاهي ڇڏيندو يعني اهي سخت شرعي احڪام جيڪي بني اسرائيل کي ڏنا ويا جيئن ناپاڪ ڪپڙي کي ڪٽي ڇڏڻ، جنهن عضوي سان گناھ ٿئي، ان کي ڪٽي جسم کان الڳ ڪري ڇڏڻ وغيره، اهڙن احڪامن ۾ پنهنجي امت لاءِ نرمي فرمائيندو. الغرض اسان جو محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حَلَّالُ المُشْكِلَاتِ (مشڪلون حل فرمائڻ وارو)، دَافِعُ البَلِيَّاتِ (آفتون دور ڪرڻ وارو) هوندو. ([1])
اِس دشتِ بے یقیں میں ایماں مِرے مُحَمَّد سب بحر و بر ہے اُن کا، سلطاں مِرے مُحَمَّد
ہر درد بادَوا ہے ، ہر زَخم باشفا ہے شافِع مِرے مُحَمَّد، دَرمَاں مِرے مُحَمَّد