Book Name:Sikka Naya Chalega
جون به روايتون آهن، درود پڙهڻ واري کي جنتي انعام به ڏنا ويندا آهن، ساڻ درود به موڪليو ويندو آهي، ان جي ڪهڙي حڪمت آهي؟ وڏي خوبصورت ڳالهه ڪئي آهي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه، لکن ٿا:
خدا اُن کو کِس پیار سے دیکھتا ہے جو آنکھیں ہیں مَحْوِ لِقائے مُحَمَّد ([1])
يعني الله پاڪ کي پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ايتري محبت آهي، ايتري محبت آهي جو ٭ جيڪا اک ان کي ڏسڻ لڳي، اها اک الله پاڪ کي پياري ٿي ويندي آهي ٭ جيڪا زبان انهن تي درود پڙهڻ ۾ مصروف ٿي وڃي، الله پاڪ کي اها زبان پياري ٿي وڃي ٿي ٭ جيڪا دل انهن جي ياد ۾ آباد ٿي وڃي، الله پاڪ کي اها دل پياري ٿي وڃي ٿي، تنهنڪري جڏهن ٻانهو محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي درود شريف پڙهندو آهي ته الله پاڪ کي ايترو پيارو ٿي ويندو آهي جو الله پاڪ پاڻ به ان تي رحمتون موڪليندو آهي ۽ فرشتن جي به ڊيوٽي لڳي ويندي آهي ته جيستائين ٻانهو درود پڙهي رهيو آهي، تيستائين ان لاءِ دعائون ڪندا رهو...!!
دِل کہتا ہے ہر وقت صفت اُن کی لکھا کر کہتی ہے زَباں نعت مُحَمَّد کی پڑھا کر
اِس محفلِ میلاد میں اے بندۂ سرکار جب آئے درود اُس شہِ عالَم پہ پڑھا کر
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات (عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.)[2](
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! ٭الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس ٭ بَاادب ويهندس ٭ خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس ٭ جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد