Book Name:Sikka Naya Chalega
تم کرو جشنِ وِلادت کی خوشی میں روشنی وہ تمہاری گورِ تیرہ جگمگاتے جائیں گے
عیدِ میلادُ النبی کی شب چراغاں کر کے ہم قبر، نُورِ مصطفےٰ سے جگمگاتے جائیں گے([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي آيا، الله پاڪ فرمايو: هي توهان تي تمام وڏو احسان ڪيو ويو آهي.
هي احسان ڪهڙي لحاظ کان آهي، ٿورو اسان ان جي ڪجھ تفصيل ۾ وڃي ڏسون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! روح خوش ٿي ويندو، ايمان تازو ٿي ويندو.
بخاري شريف جي حديث پاڪ آهي، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: خَلَقَ اللهُ آدَمَ وَ طُوْلُهٗ سِتُّوْنَ ذِرَاعًا يعني الله پاڪ حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کي پيدا فرمايو، سندن قد مبارڪ 60 گز هو. فَلَمْ یَزَلِ الْخَلْقُ یَنْقُصُ حَتَّی الْآنَ پوءِ هر هر صدي ۾ انساني قد جو مقدار گهٽ ٿيندو رهيو، ايستائين جو هي زمانو اچي ويو (يعني ولادتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٿي وئي)، تڏهن قد ۾ هي گهٽتائي ٿيڻ رڪجي وئي. ([2])
سُبْحٰنَ الله! هي آهي ولادتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم!! جي برڪت ان تي ٿورو غور ڪريو! حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کان وٺي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت پاڪ تائين جو جيڪو زمانو آهي، ان جو جيڪڏهن اسان حساب لڳايون، پوءِ جيڪو شروعات ۾ قد هو يعني 60 گز، ان جو حساب لڳايون ۽ انساني قد ۾ جيتري گهٽتائي ٿي، ان سڀني کي ملائي ڏسون ته هر 100 سال تي انساني قد ۾ 3 فٽ، 2 انچ گهٽتائي ٿيندي رهي. هاڻي ٿورو سوچيو! جيڪڏهن هي گهٽتائي نه رڪجي ها، جيئن گذريل صدين ۾ انساني قد مسلسل گهٽ ٿيندو رهيو آهي، اهڙي طرح گهٽتائي ٿيندي رهي ها، هر 100 سال تي 3 فٽ، 2 انچ تائين قد گهٽ ٿيندا رهن ها، 1500 سال ٿي چڪا آهن،