Book Name:Sikka Naya Chalega
وضاحت: پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذڪر پاڪ جو مثال کاڌي ۾ لوڻ جهڙو آهي. جيئن کاڌو لوڻ کان سواءِ اڌورو رهي ٿو، اهڙيءَ طرح ئي سندن ذڪر کان سواءِ هر ذڪر اڌورو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! ان ڏينهن ڪوھهِ طور تي الله پاڪ ۽ حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جي وچ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون، الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ انهن جو ذڪر ڪيو، فرمايو: ([1])
اَلَّذِیْنَ یَتَّبِعُوْنَ الرَّسُوْلَ النَّبِیَّ الْاُمِّیَّ الَّذِیْ یَجِدُوْنَهٗ مَكْتُوْبًا عِنْدَهُمْ فِی التَّوْرٰىةِ وَ الْاِنْجِیْلِ٘-یَاْمُرُهُمْ بِالْمَعْرُوْفِ وَ یَنْهٰىهُمْ عَنِ الْمُنْكَرِ وَ یُحِلُّ لَهُمُ الطَّیِّبٰتِ وَ یُحَرِّمُ عَلَیْهِمُ الْخَبٰٓىٕثَ وَ یَضَعُ عَنْهُمْ اِصْرَهُمْ وَ الْاَغْلٰلَ الَّتِیْ كَانَتْ عَلَیْهِمْؕ-فَالَّذِیْنَ اٰمَنُوْا بِهٖ وَ عَزَّرُوْهُ وَ نَصَرُوْهُ وَ اتَّبَعُوا النُّوْرَ الَّذِیْۤ اُنْزِلَ مَعَهٗۤۙ-اُولٰٓىٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ۠(۱۵۷) (پارہ:9 ، سورۀ اعراف:157)
ترجمو ڪنزالعرفان: اهي جيڪي ان رسول جي پيروي ڪن جيڪي غيب جون خبرون ڏيڻ وارا آهن، جيڪي ڪنهن کان پڙهيل ناهن، جنهن کي هي (ڪتاب وارا) پاڻ وٽ توريت ۽ انجيل ۾ لکيل ڏسن ٿا، اهي انهن کي نيڪي جو حڪم ڏين ٿا ۽ انهن کي برائي کان منع ڪن ٿا ۽ انهن جي لاءِ پاڪ شيون حلال فرمائن ٿا ۽ خراب شيون انهن تي حرام ڪن ٿا ۽ انهن جي مٿن کان اهو بار ۽ ڳچيءَ جا ڳٺ لاهن ٿا جيڪي انهن جي مٿان هئا پوءِ اهي ماڻهو جيڪي ان نبيءَ تي ايمان آڻن ۽ ان جي تعظيم ڪن ۽ ان جي مدد ڪن ۽ ان نور جي پيروي ڪن جيڪو ان سان گڏ نازل ڪيو ويو ته اهي ئي ماڻهو ڪاميابي ماڻڻ وارا آهن.
يعني اهو آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي غلامن کي خاص الخاص رحمت عطا ڪئي ويندي، اهو ڪير آهي؟ اي موسيٰ! (1): اهو الرَّسُوْل (يعني خاص الخاص) رسول آهي، سڀني رسولن کي رسالت ان جي صدقي عطا