Book Name:Sikka Naya Chalega
ياد رهيو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!ضرور شرڪت ڪنداسين. بهرحال اسان اجتماع ۾ شرڪت ڪئي، اتي ان ئي اسلامي ڀاءُ سان ملاقات ٿي جنهن اسان کي اجتماع جي دعوت ڏني هئي، هو ايتري اخلاق سان پيش آيا جو اسان ته بس دعوتِ اسلامي جا ٿي وياسين. منهنجو ته ڄڻ زندگي جو انداز ئي بدلجي ويو، نمازن جي پابندي نصيب ٿي، گانن جي جاءِ نعت شريف ورتي، چهري تي ڏاڙهي ۽ مٿي تي عمامو سجائي ورتو، ايئن دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي ويس.
عطائے حبیبِ خدا دینی ماحول ہے فَیضانِ غوث ورضا دینی ماحول
تُو داڑھی بڑھا لے عِمامہ سجا لے نہیں ہے یہ ہرگز بُرا دینی ماحول
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
اوقاتِ نماز(Prayer Times) ايپ جو تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ تمام پياري موبائل ايپلي ڪيشن اوقاتِ نماز (Prayer Times) نالي سان جاري ڪئي آهي ٭ هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي دنيا جي ڪنهن به مقام جي نمازن جا اوقات ۽ سمتِ قبله معلوم ڪري سگهجي ٿي ٭ جماعت جي وقت موبائل کي آٽو سائلينٽ ڪرڻ جو آپشن به موجود آهي ٭ ان کان علاوهه، قرآن پاڪ عربي متن ۽ ترجمي ۽ تفسير سان پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جي سهولت به موجود آهي ٭ اذڪار (روحاني علاج) به ڏنا ويا آهن ٭ ڪائونٽر تسبيح جي ذريعي اوهان پنهنجا روزاني جا وِرد پڙهي سگهو ٿا ٭ هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي اوهان ريڊيو مدني چينل ٻڌي سگهو ٿا ٭ اذڪارِ نماز کي به تجويد سان شامل ڪيو ويو آهي ٭ عيسوي ۽ اسلامي ڪئلينڊر جي سهولت به موجود آهي ٭ سحر ۽ افطار جي اوقات جي معلومات ٭ ان کان علاوهه اوهان هن ايپلي ڪيشن جي ڊيش بورڊ کي 2 رنگن جي ٿيم ۾ به استعمال ڪري سگهو ٿا