Book Name:Sikka Naya Chalega
اسپيشل ميگا ڊسڪائونٽ آفر تي توهان هي ڪتاب 353 روپين ۾ قيمتاً طلب ڪري سگهو ٿا. ٭ 1500 هون جشنِ ولادت جي خوشي ۾ مڪتبة المدينه جي شاندار پيشڪش. 25 صفر شريف يومِ اعليٰ حضرت (19 آگسٽ) کان وٺي يومِ تحفظِ عقيده ختمِ نبوت (7 سيپٽمبر) تائين يعني عرسِ اعليٰ حضرت کان يومِ تحفظِ عقيده ختمِ نبوت تائين مڪتبة المدينه جي تمام پراڊڪٽس تي 15 سيڪڙو خصوصي ڊسڪائونٽ حاصل ڪريو! اهڙي طرح هن عظيم موقعي تي مدني پرچم (هر سائيز) ٭ بائيڪ ٭ ڪار ٭ ٽيبل فليگ ٭ فلاور اسٽڪ ٭ ۽ دلڪش نعلين شريف جا بيجز ٭ ۽ جشنِ ولادت ۾ دعوتِ اسلامي جي بينرن جو آرڊر به مڪتبة المدينه جي دڪانن تي ڏئي سگهو ٿا. جلدي ڪريو، جشنِ ولادت جي تياري به ڪريو، فائدو به وٺو!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪجھ ڏينهن کانپوءِ ربيع الاول شريف شروع ٿيڻ وارو آهي، اچو اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَكَاتُهُمُ الْعَالِيَه طرفان جشنِ ولادت جي متعلق ايندڙ مڪتوب ٻڌون:
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
جشنِ ولادت جي باري ۾ مڪتوبِ عطار
سگِ مدينه محمد الياس عطار قادري عفي عنه طرفان تمام عاشقانِ رسول، اسلامي ڀائرن جي خدمت ۾:
اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اﷲ وَبَرکاتُہ اَلحمدُ لِلّٰہ رَبِّ العٰلَمِیْنَ عَلٰی کلِّ حَالٍ۔
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ العٰلَمِیْن! جهومو! ماھِ ربيع الاول اچڻ وارو آهي، سٺين سٺين نيتن سان جشنِ ولادت جي ڌوم مچائڻ لاءِ تيار ٿي وڃو!
تم بھی کرکے اُن کا چرچا اپنے دِل چمکاؤ اونچے میں اونچا نبی کا جھنڈا گھر گھر میں لہراؤ
(1): چنڊ واري رات تي هنن لفظن ۾ 3 ڀيرا مسجدن ۾ اعلان ڪرايو: ”تمام اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن کي مبارڪ هجي ته ربيع الاول شريف جو چنڊ نظر اچي ويو آهي.“