Book Name:Sikka Naya Chalega
٭ هن ايپلي ڪيشن ۾ هڪ نهايت ئي پياريو فيچر: 1500 وان جشن ولادت سيشن به شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اوهان کي ميلاد النبي جي موضُع تي مفيد ترين معلومات ۽ گهڻو ڪجھ سکڻ لاءِ ملندو. اڄ ئي هن ايپلي ڪيشن کي ڊائون لوڊ ڪريو، هن سهولت مان پاڻ به فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
٭ هر هفتي اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَكَاتُهُمُ الْعَالِيَه مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ماھِ ربيع الاول شريف چنڊ واري رات کان وٺي ٻارهين رات تائين اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَكَاتُهُمُ الْعَالِيَه عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ڪراچي کان براھِ راست مدني مذاڪرو فرمائيندا، عاشقانِ رسول (جن کان ٿي سگهي) عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ڪراچي ۾ تشريف آڻي انهن مدني مذاڪرن ۾ شامل ٿين، چاهي ته پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ اجتماعي طور انهن مدني مذاڪرن کي ڏسڻ جو اهتمام فرمائن. تمام ذميدارَ ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ خود به شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين. ٭ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالو "اربعينِ عطار" (قسط:3) جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو خود به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا مثلاً واٽس ايپ وغيره استعمال ڪن ٿا، رضاءِ الٰهي ۽ ثواب لاءِ هي رسالو ٻين کي به شيئر (Share) ڪن! ٭ مڪتبة المدينه قرآن، حديث، عقائد، تصوف ۽ فقه ۾ مهارت رکندڙ عظيم الشان عالمِ دين اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سيرت جي مختلف پاسن تي لکيل ڪتاب ”فيضانِ امامِ اهلسنت“ شايع ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي آهي. توهان هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ کان قيمتاً طلب ڪري سگهو ٿا، ان جو نارمل هديو 415 روپيا آهي، پر 1500 ساله يومِ جشنِ ولادت جي