Book Name:Sikka Naya Chalega
عیدِ میلادُ النّبی تو عید کی بھی عید ہے بالیقیں ہے عید ِعیداں عیدِ میلادُ النّبی
(12): الله پاڪ جي پياري پياري آخري نبي، محمد رسول الله سومر شريف تي روزو رکي پنهنجو يومِ ولادت ملهائيندا رهيا، توهان به يادِ مصطفيٰ ۾ 12 ربيع الاول شريف تي روزو رکي مدني پرچم کڻي، جلوسِ ميلاد ۾ شريڪ ٿيو، جيتري تائين ممڪن هجي باوضو رهو، لب تي درود ۽ سلام ۽ نعتن جا نغما سجائي، نگاهون جهڪائي پُر وقار طريقي سان هلو، ٽُپ ڏئي ڪنهن کي تنقيد جو موقعو نه ڏيو. (دعوتِ اسلامي جا ذميدار جلوسِ ميلاد ۾ اهي ئي نعرا لڳائن يا گاڏين ۾ اهي ئي نعتون هلائن جيڪي مدني مرڪز طرفان جاري ڪيل هجن)
ربیعِ پاک تجھ پر اہلِ سنّت کیوں نہ قرباں ہوں کہ تیری بارہویں تاریخ وہ جانِ قمر آیا
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري
اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون
(1) جمعه جي رات جو دُرُود
اَللّٰہُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِکْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدِ نِ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِالْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَعَلٰی اٰلِہٖ وَصَحْبِہٖ وَسَلِّمْ
بزرگن فرمايو ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن.)[1](