Sikka Naya Chalega

Book Name:Sikka Naya Chalega

پرچمن ۽ رنگ برنگي بلبن سان سجائي ڪنوار جيان بڻائي ڇڏيو. ممڪن هجي ته مسجد، گهر جي ڇت ۽ چوڪ وغيره تي راهگيرن ۽ سوارين کي تڪليف کان بچائيندي، حقوقِ عامه (Public Rights) تلف ڪئي بغير فضا ۾ معلق (يعني لٽڪيل) 12 ميٽر جا يا موقعي جي مناسبت سان وڏا وڏا پرچم سجايو. وچ روڊ تي پرچم نه لڳايو ڇو ته ان سان ٽريفڪ جو نظام متاثر ٿئي ٿو، پرچم لڳائڻ لاءِ فٽ پاٿ (Foot path) به نه کوٽيو، خبردار! گهٽي وغيره ۾ ڪٿي به اهڙي سجاوٽ نه ڪريو جنهن سان ماڻهن جو رستو تنگ ٿئي ۽ انهن جي حق تلفي ۽ دل آزاري ٿئي. (ياد رهي! انهن سجاوٽن لاءِ به بجلي چوري ڪرڻ حرام آهي، تنهن ڪري هن سلسلي ۾ بجلي فراهم ڪندڙ اداري سان رابطو ڪري جائز ترڪيب ڪيو)

مشرق و مغرب میں اِک اِک  بامِ کعبہ پر بھی ایک                نصب   پرچم   ہوگیا،   اَھْلاً   وَّسَھْلاً   مرحبا

 (7): هر اسلامي ڀاءُ حسبِ توفيق مڪتبة المدينه جا ديني رسالا ۽ مدني گلن جا مختلف پمفليٽ جلوسِ ميلاد ۾ ورهايو. اهڙي طرح سڄو سال پنهنجي دڪان وغيره تي تقسيمِ رسائل جو اهتمام فرمائي نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچايو. شادي جي دعوتن ۽ ايصالِ ثواب جي اجتماعن ۾ ۽ مرحومن جي ايصالِ ثواب خاطر به تقسيمِ رسائل جي ترڪيب ڪيو ۽ ٻين کي ان جي ترغيب ڏياريو. ۽ سڀئي هفتيوار رسالو پڙهڻ يا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريو، ۽ هر سال وڌيڪ 12 مهينن لاءِ ماهوار ”فيضانِ مدينه“ جي بڪنگ ڪرايو.

چار سُو رحمتوں کی ہوائیں چلیں، ہو گئی جس سے ساری فضا دل نشیں

مسکراؤ سبھی آ گئے ہیں نبی، غم کے مارو تمہاری خوشی کے لیے

(8): رسالو ”صبحِ بهاران“ 12 عدد مڪتبة المدينه کان خريد ڪري تقسيم ڪريو. خاص ڪري انهن تنظيمن جي سربراهن تائين پهچايو، جيڪي ربيع الاول ۾ لائٽنگ ڪن ٿا يا محفلِ نعت يا جلوسِ ميلاد جي ترڪيب فرمائن ٿا. ربيع الاول شريف دوران (اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون گهر جي ڪنهن فرد جي ذريعي) ڪنهن سني عالم يا امامِ مسجد، مؤذن يا خادمِ مسجد جي ڪجھ نه ڪجھ مالي خدمت ڪن ۽ ڪاش زِهي نصيب! هر مهيني هي سعادت حاصل