Book Name:Sikka Naya Chalega
فرمائن. شادين جي موقعن تي شادي ڪارڊ سان گڏ مڪتبة المدينه جو ديني رسالو به منسلڪ (Attach) فرمائن. عيد ڪارڊن جي بجاءِ ديني ڪتاب ۽ رسالا ڏيڻ جو رواج وجهو ته جيئن جيڪا رقم خرچ ٿئي، ان سان دين جو به فائدو ٿئي. شادي غمي جي تقريبن ۾ پنهنجي مڪتبة المدينه سان ترڪيب ٺاهي بستا (Stall) لڳرايو ۽ مهمانن ۾ حسبِ توفيق اسلامي ڪتاب ۽ رسالا مفت تقسيم ڪيو.
ولادتِ شہِ دیں ہر خوشی کی باعث ہے ہزار عید سے بھاری ہے بارہویں تاریخ
(9): شهرن، قصبن، ڳوٺن ۽ چڪن وغيره ۾ هر UC نگران 12 ڏينهن تائين روزانو جدا جدا مسجدن ۾ عظيم الشان سنتن ڀريا اجتماعَ منعقد ڪري. شخصيتن جي گهرن، عاشقانِ رسول جي دڪانن، مارڪيٽن، ڪارخانن، تعليمي ادارن وغيره ۾ به هي اجتماعَ ڪيو.
لب پر نعتِ رسولِ اکرم ہاتھوں میں پرچم دیوانہ سرکار کا کتنا پیارا لگتا ہے
(10): 11 ربيع الاول جي شام تي نه ته 12 هين شب تي سٺيون سٺيون نيتون ڪري غسل ڪيو. ٿي سگهي ته هن عيدن جي عيد جي تعظيم جي نيت سان لباس، عمامو، سربند، ٽوپي، مٿي تي اوڙهڻ چاهيو ته سفيد چادر، پردي ۾ پردو ڪرڻ لاءِ چادر، مسواڪ، کيسي جو رومال، چپل، تسبيح، عطر جي شيشي، هٿ جي گهڙي، قلم، قفلِ مدينه پيڊ وغيره پنهنجي استعمال جي هر شيءِ ٿي سگهي ته نئين وٺو. (مجلسِ ميلاد شريف ۽ ٻين مجلسِ خير لاءِ غسل ڪرڻ مستحب آهي) ([1])
آئی نئی حکومت سکہ نیا چلے گا عالَم نے رنگ بدلا صبح شبِ وِلادت
(11): 12 هين رات اجتماعِ ميلاد ۾ گذاري بوقتِ صبحِ صادق پنهنجي هٿن ۾ مدني پرچم کڻي، درود ۽ سلام پڙهندي اکين ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي صبحِ بهاران جو استقبال ڪيو. بعد نمازِ فجر سلام ڪرڻ کان پوءِ ”عيد مبارڪ“ چئي هڪ ٻئي سان گرمجوشي سان ملاقات فرمايو ۽ سڄو ڏينهن عيد جي مبارڪباد پيش ڪندا ۽ عيد ملندا رهو.