Book Name:Sikka Naya Chalega
وضاحت: ربِ ڪريم جيڪو تمام وڏي شان وارو آهي، ان جي اعليٰ ترين نعمت محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي اعليٰ درود هجن، الله پاڪ پنهنجو محبوب اسان جي هدايت لاءِ موڪلي جيڪو احسان فرمايو، ان احسان تي به لکين سلام هجن. اهو محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪو اسان غريبن جو آقا آهي، اسان فقيرن جي دولت آهي، ان تي بيحد درود ۽ لکين سلام هجن.
ميلاد فيضانِ مصطفيٰ ماڻڻ جو ذريعو آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! الله پاڪ صاف صاف فرمايو ته اسان نبي موڪلي ايمان وارن تي احسان فرمايو آهي، ظاهر آهي جڏهن نعمت ملي، احسان ڪيو وڃي ته ان تي شڪر ادا ڪيو ويندو آهي ۽ جيڪو ٻانهو شڪر ڪري، الله پاڪ فرمائي ٿو:
لَىٕنْ شَكَرْتُمْ لَاَزِیْدَنَّكُمْ (پارو:13، ابراهيم:7)
ترجمو ڪنزالعرفان: جيڪڏهن توهان منهنجو شڪر ادا ڪندؤ ته مان توهان کي اڃان وڌيڪ ڏيندس.
يعني توهان شڪر ڪريو! ته توهان جي نعمت ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو.
معلوم ٿيو؛ محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو دنيا ۾ تشريف آڻڻ اسان تي بلڪ سڄي انسانيت تي سڀ کان وڏو انعام آهي، هاڻي جيڪڏهن اسان اُن انعام جو شڪر ادا ڪيون ٭ ان جي شڪراني ۾ نفلَ پڙهون ٭ ان جي شڪراني ۾ تلاوت ڪريون ٭ ان جي شڪراني ۾ نفلي روزا رکون ٭ ان جي شڪراني ۾ محفلون سجايون، ٭ ان جي شڪراني ۾ ذڪرِ خدا ۽ ذڪرِ مصطفيٰ جي ڪثرت ڪريون ٭ ان جي شڪراني ۾ ماڻهن کي کاڌا کارايون، ٭ ان جي شڪراني ۾ صدقو ۽ خيرات ڪريون ته ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم ! هن نعمت ۾ اضافو ٿيندو، يعني اهو نور جيڪو محبوب مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کڻي تشريف وٺي آيو، ان جو وڌ کان وڌ فيضان حاصل ڪرڻ ۾ اسان ڪامياب ٿي وينداسين.