Book Name:Sikka Naya Chalega
نوٽ: الله پاڪ جو پنهنجي ٻانهن تي درود موڪلڻ جو مطلب آهي: رحمت نازل فرمائڻ ۽ ملائڪن جي درود موڪلڻ جو مطلب آهي: مغفرت جي دعا ڪرڻ. ([1])
هي ڪيڏو عظيم صلو آهي...!! جنهن تي الله پاڪ 10 رحمتون نازل فرمائي، ان جي هڪ رحمت ملي وڃڻ ٻنهي جهانن جي ڀلائين لاءِ ڪافي آهي، جنهن تي 10 رحمتون وسن، پوءِ ان سان گڏ فرشتن جون 10 ڀيرا دعائون به ملن، ان ٻانهي جو ڪيڏو شان هوندو...؟ ۽ هي عظيم ترين انعام حاصل ڪرڻ جو طريقو ڇا آهي؟ ڪجھ سيڪنڊ لڳندا، پڙهو! صَلَّى اللهُ عَلٰى مُحَمَّد.
هي سڀ کان گهٽ لفظن وارو درود شريف آهي، جيڪڏهن اسان هي درود شريف 100 ڀيرا پڙهون ته اندازي مطابق ڏيڍ منٽ يعني صرف 90 سيڪنڊ لڳندا.
اڄڪلھ هي ٽڪ ٽاڪ (TikTok) ۽ ريلز (Reels) وغيره تمام گهڻو مشهور آهن؛ ڏسڻ نه گهرجن، ڪرڻ جا ڪم ڪرڻ گهرجن، ٽڪ ٽاڪ جي هڪ وڊيو تقريبن 30 سيڪنڊن کان وٺي 180 سيڪنڊن جي وچ ۾ هوندي آهي. ماڻهو ٽڪ ٽاڪ ڏسندي ڪلاڪ گذاري ڇڏيندا آهن، صرف 90 سيڪنڊ لڳايو، 100 ڀيرا درود شريف پڙهو، اجر ڇا ملندو؟ الله پاڪ جون هڪ هزار رحمتون ۽ فرشتن جون هڪ هزار دعائون نصيب ٿي وينديون. سُبْحٰنَ الله!
وہ تو نہایت سستا سودا بیچ رہے ہیں جنّت کا ہم مفلس کیا مَوْل چُکائیں، اپنا ہاتھ ہی خالی ہے([2])
الله پاڪ اسان کي درود پاڪ جي ڪثرت ڪرڻ، وڌ کان وڌ درود شريف پڙهڻ جي توفيق نصيب فرمائي آمين.
هتي هڪ ننڍڙو سوال ذهن ۾ اچي ٿو، جڏهن ٻانهو درود شريف پڙهندو آهي ته بدلي ۾ الله پاڪ به ان تي درود موڪليندو آهي، فرشتا به درود موڪليندا آهن، ان ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟ درود شريف پڙهڻ تي ٭ جنت عطا ٿي سگھي ٿي ٭ جنتي محل ڏئي سگھن ٿا، ٭ وڏا انعام ڏئي سگهجن ٿا، ان