Book Name:Sikka Naya Chalega
پيدا فرمايو، تڏهن کان هينئر تائين پاڻ ئي سڀ کان افضل، سڀ کان اعليٰ، سڀني جو آقا، سڀني جو حاجت روا آهي.
بَعْدْ اَزْ خُدَا بُزُرْگ تُوئِی قِصَّۂ مُخْتَصر
پوءِ نهايت افضل ۽ اعليٰ رتبي سان گڏ الله پاڪ سندن کي هي شان به عطا فرمايو آهي ته هر لمحي سندن شانن ۾ اضافو ئي اضافو ٿيندو رهي ٿو، هر ايندڙ گهڙي، هر ايندڙ سيڪنڊ، هر ايندڙ منٽ سندن شانن ۾ وڌ کان وڌ اضافو ڪندو پيو وڃي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هي شانِ مصطفيٰ آهي. توهان اندازو لڳايو! جنهن جا شانَ پهرين سڀني نبين کان به اوچا آهن، اهو محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪو رات جي هڪ مختصر ترين حصي ۾ عرش کان مٿاهون سفر ڪري، الله پاڪ جي قربِ خاص جون سڀ منزلون طئي ڪري واپس تشريف آڻي سگهي ٿو، جن جي رات جي مختصر گهڙي جو پرواز ايترو وڌيڪ آهي، 1500 سالن ۾ ان جي شان ۾ ڪيڏو اضافو ٿي چڪو هوندو...؟
اسان صرف اندازو لڳائي سگهون ٿا، اُن جي شان جو عالم هي آهي ته:
تیرا وصف بیاں ہو کس سے، تیری کون کرے گا بڑائی
اِس گَردِ سَفَر میں گُم ہے، جبریلِ اَمیں کی رَسائی
صرف زميني حقيقتون توهان جي سامهون رکان. هڪ عالمي ريسرچ اداري جي رپورٽ مطابق صرف يورپ ۾ (جتي غير مسلم حڪومت آهي، اتي) ساليانو 1 لک افراد اسلام قبول ڪري غلاميءِ مصطفيٰ ۾ اچن ٿا.
هاڻي اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دنيا ۾ هڪ وڏي تعداد ۾ مسلمان آهن. چيو وڃي ٿو ته هن وقت دنيا ۾ 2.6 ارب مسلمان آهن. يعني دنيا جو تقريبن هر چوٿون ماڻهو مسلمان آهي. يقيناً هي 2.6 ارب مسلمان ملي ڪري به ڪنهن هڪ صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي قدمن جي دَزَ تائين به نٿا پهچي سگهن. پر اسان صرف تعداد جي ڳالھ ڪريون، حجة الوداع جي موقعي تي تقريبن 1 لک 24 هزار صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم هئا، يعني ان وقت 1 لک 24 هزار دل يادِ مصطفيٰ ۾ تڙپندا هئا،