Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
ٿي، سندن سان محبت ڪرڻ واري دل ۽ قرآن و سنت جي روشنين ۾ چيل سندن هر هر ڳالھ تي يقين رکڻ واري سوچ نصيب ٿي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪرندڙن کي سنڀالڻ وارا، ڀٽڪيلن کي سڌي راھ تي آڻڻ واري عظيم شخصيت آهن.
اے رضا مرتبہ کتنا ہوا بالا تیرا ہند تو ہند عرب میں ہوا شہرہ تیرا
نام اعلیٰ ہے ترا حضرتِ اعلیٰ تیرا کام اَولیٰ ہے تِرا اے شہِ والا تیرا
تیرے اچھّوں نے کیا ہے بڑا اَچھّا تیرا پھر بَھلا کیا کوئی بدخواہ کرے گا تیرا
کارنامہ تیری تَجْدِیْد کا اللہ اللہ مَسْلکِ اہلِ سُنن بن گیا رستہ تیرا
ذهن ۾ سوال اٿي سگهي ٿو؛ اها ڪهڙي ڳالھ ڪري ڇڏي، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڀٽڪيلن کي سڌي رستي تي آڻڻ وارا، ڪرندڙن کي سنڀالڻ وارا ڪيئن ٿي ويا...؟ اچو! قرآن ڪريم جي آيت ٻڌو! الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
وَ مِمَّنْ خَلَقْنَاۤ اُمَّةٌ یَّهْدُوْنَ بِالْحَقِّ (پارہ:9، سورۀ اعراف:181)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ اسان جي مخلوق مان هڪ اهڙو ٽولو آهي جيڪو حق جي هدايت ڏيندو آهي.
سُبْحٰنَ اللہ! هي وڏي ايمان افروز آيتِ سڳوري آهي. ٿورو ڳالھ کي سمجهو. سورت اعراف جو هي مقام جتان مون آيتِ سڳوري ٻڌائي، ان مقام تي الله پاڪ ٻن قسمن جي ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي، پهرين قسم جي متعلق فرمايائين:
وَ لَقَدْ ذَرَاْنَا لِجَهَنَّمَ كَثِیْرًا (پارہ:9، سورۀ اعراف:179)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ اسان جهنم جي لاءِ ڪيترائي جن ۽ انسان پيدا ڪيا آهن
(1): يعني هڪ گروھ ته اهو آهي، جيڪو جهنم جي ئي لائق آهي، جهنم ۾ ئي وڃڻ لاءِ آهي، يعني انهن جا ڪم ۽ ڪرتوت ئي جهنمين وارا آهن،[1] ان کانپوءِ ٻئي قسم جي متعلق فرمايائين: