Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
فرمائيندا آهن، مريد ستل هجي ته جاڳائي نماز قضا ٿيڻ کان بچائي وٺندا آهن، اهي پنهنجي مريدن جي عقيدن جي معاملي ۾ ڪيترو خيال فرمائيندا هوندا...؟
ہیں شریعت اور طریقت کے امام پیکرِ عشق و وفا احمد رضا
دین و ایمان کی حفاظت تم نے کی ہو تِرا حافِظ خُدا احمد رضا
پيارا اسلامي ڀائرو! هن جاءِ تي اسان لاءِ به سکڻ جو سبق آهي، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ظاهر آهي ولي الله آهن، پاڻ ته صاحبِ ڪرامت آهن، هي شان رکندا آهن ته خواب ۾ اچي نمازن لاءِ جاڳائين.
پر اسان ٿورو غور ڪيون؛ هلو! اسان خوابن ۾ اچي نماز لاءِ نٿا جاڳائي سگهون، ڇا اسان بيداريءَ ۾ ماڻهن کي نماز لاءِ جاڳايون ٿا...؟ جيڪڏهن اسان فجر لاءِ جاڳائيندا آهيون ته ان تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيو! جيڪڏهن نٿا جاڳايون ته جاڳائڻ جي عادت بڻائي وٺو!
فجر جي لاءِ جاڳائڻ الله پاڪ جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تمام پياري سنت به آهي. حضرت ابوبڪره (يعني نقيع بن حارث ثقفي) رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا ته مان سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ نمازِ فجر لاءِ نڪتس ته پاڻ جنهن سُتل شخص وٽان به گذرن پيا، ان کي نماز لاءِ آواز ڏيندا پيا وڃن. ([1])
٭ مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو به اهو ئي انداز هو([2]) ۽ ٭ مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به هن پياري پياري سنت جا عامل هئا. ([3])
اوهان به هي سنت اپنايو! نمازِ فجر لاءِ جاڳائيندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! گهڻيون برڪتون ملنديون ٭ ٻين کي جاڳائيندا ته پاڻ به نمازِ فجر باجماعت پڙهڻ جي