Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
2 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): جيڪو ڪنهن بکايل کي کاڌو کارائي، الله پاڪ ان کي جنت جا ميوا کارائيندو. ([1]) (2): جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي بک مِٽائڻ جو اهتمام ڪري ۽ ان کي کاڌو کارائي ايستائين جو هو ڍؤ ڪري ته الله پاڪ ان جي مغفرت فرمائي ڇڏيندو. ([2])
اي عاشقانِ رسول! کاڌو کارائڻ سنتِ مصطفيٰ آهي ٭ اسان جا پيارا نبي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻين کي کاڌو کارائڻ پسند فرمائيندا هئا ٭ حضرت سيّدنا طلحه بن عمرو رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم طرفان اصحاب صفه لاءِ کجيون مقرر هيون، جيڪي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم روزانو انهن وٽ موڪليندا هئا. ([3]) ٭ حضرت ابو هريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: مان صفه ۾ هُيس ته تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان ڏانهن عجوه کجورون موڪليون. ([4]) ٭ اي عاشقانِ رسول! هي چند مثال آهن، ورنه حقيقت ته اها آهي ته جنهن کي جيڪو به ملندو آهي، اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو صدقو ئي ملندو آهي، پوري دنيا سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ئي صدقو کائي رهي آهي.
کھاتے ہیں تیرے در کا، پیتے ہیں تیرے در کا پانی ہے تیرا پانی، دانہ ہے تیرا دانہ
الله پاڪ اسان کي به سنتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي عمل ڪندي پنهنجن مسلمان ڀائرن جي خيرخواهي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.