Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
قلبِ غمگیں کا سامانِ فَرحت نَماز ہے مریضوں کو پیغامِ صِحَّت نَماز
نارِ دوزخ سے بے شک بچائے گی یہ ربّ سے دلوائے گی تم کو جنَّت نَماز
پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈک ہے یہ قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نَماز
بھائیو! گر خُدا کی رِضا چاہئے آپ پڑھتے رہیں باجماعت نَماز
جيتريون نمازون قضا ٿي ويون هجن، سڀني جو اهڙو حساب لڳايو جو اندازي ۾ باقي نه رهن، وڌيڪ ٿي وڃن ته حرج ناهي، ۽ اهي سڀ (قضا نمازون) بقدرِ طاقت رفته رفته تمام جلد ادا ڪيو، ڪاهلي ۽ سستي نه ڪيو جو موت جو وقت معلوم ناهي.
پيرِ ڪامل اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجن مريدن کي نصيحت ڪندي وڌيڪ فرمائن ٿا: جيترا روزا ڪڏهن قضا ٿيا هجن، ٻيو رمضان اچڻ کان پهريان پورا ڪري ڪيا وڃن جو حديث شريف ۾ آهي: جيستائين پوئين رمضان جي روزن جي قضا نه ڪئي وڃي، ايندڙ قبول نہ ٿيندا. ([1])
جيڪي مالدار آهن (۽ زڪوات فرض ٿيڻ جا ٻيا شرطَ به موجود هجن ته اُهي) زڪوات به ڏين، جيترن سالن جي نه ڏني هجي، فوراً حساب ڪري ادا ڪن، هر سال جي زڪوات سال مڪمل ٿيڻ کان پهريان ڏئي ڇڏين، سال پورو ٿيڻ کانپوءِ دير ڪرڻ گناھ آهي، تنهن ڪري سال جي شروع کان رفته رفته ڏيندا رهو، سال مڪمل ٿيڻ تي حساب ڪيو، جيڪڏهن پوري ادا ٿي وئي بهتر، ورنه جيتري باقي هجي، فوراً ڏئي ڇڏيو ۽ جيڪڏهن ڪجھ وڌيڪ نڪري وئي آهي (يعني جيتري زڪوات ٺهندي هئي، ان کان وڌيڪ رقم راھِ خدا ۾ زڪوات جي نيت سا ڏئي چڪا آهيو، ايتري رقم) ايندڙ سال ۾ منها (يعني گهٽ) ڪري وٺو. الله پاڪ ڪنهن جو نيڪ ڪم ضايع ناهي ڪندو.