Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
فرمانِ برڪت نشان آهي: اَلْبَرَكَةُ مَعَ اَكَابِرِكُمْ يعني برڪت توهان جي بزرگن سان آهي([1]) ٭ پاڻ فرمائن ٿا: مسلڪِ اعليٰ حضرت کان تر برابر هٽڻ کان پهريان الله ڪريم مون کي ايمان ۽ عافيت سان موت عطا فرمائي. ([2])
خادم نبی کے خُوشْتَرْ الیاس قادری ہیں علم و عمل کا مَحْوَر الیاس قادری ہیں
احمد رضا کا عاشِق اُن کو کہے زمانہ علم و عمل کے پیکر الیاس قادری ہیں
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اعليٰ حضرت امامِ اهل سنت شاھ، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه واقعي وڏي رتبي وارا آهن، هي سچي ڳالھ آهي، جيڪو سندن دامنِ کي مضبوطي سان پڪڙيندو آهي، ان کي ٻنهي جهانن ۾ ڀلايون نصيب ٿينديون آهن. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي مريدن، چاهڻ وارن ۽ مڃڻ وارن کي ڪيئن نيڪ ڪمن ۾ لڳائيندا آهن، ٻڌو! سيّد قناعت علي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جا مريد آهن. فرمائن ٿا: 14 ذوالحج، 1333 هجري جي ڳالھ آهي، صبح، صبح، نمازِ فجر جو وقت هو ۽ مان ستو پيو هيس. ننڊ دوران ئي مون خواب ڏٺو، ڇا ٿو ڏسان؛ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تشريف فرما ٿيا، منهنجي ساڄي هٿ جو آڱوٺو ۽ گڏ واري آڱر پڪڙي ڇڪيائون ۽ فرمايائون: اُٿ...!! نماز پڙھ! 5 ٿيا آهن.
فرمائن ٿا: ان سان گڏ ئي منهنجي اک کلي وئي، گهڙي ڏٺم ته واقعي 5 ٿيا هئا، مان اٿيس ۽ نمازِ فجر ادا ڪيم.([3])
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏو شان آهي منهنجي آقا، اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو. اوهان ڏسو! جيڪي پنهنجي مريدن جي نمازن جي اهڙي طرح حفاظت