Aala Hazrat Ki Wasiyatein

Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein

ایک سچا عاشقِ نورِ مُجَسَّم بولیے         اُن کو اُن کے عہد کا سالارِ اعظم بولیے

جن سے ہوں آباد علم و آگہی کی بستیاں                  ہیں جنم لیتی کئی صدّیوں میں ایسی ہستیاں

سندن ولادت مبارڪ 10 شوال 1272 هجري بمطابق 14 جون 1856ع تي هندستان جي شهر بريلي ۾ ٿي. ٭ سندن 4 سالن جي عمر ۾ ناظره قرآن ڪريم ختم ڪيو ٭ صرف 13 سال 10 مهينا 4 ڏينهن جي عمر ۾ ديني تعليم مڪمل ڪئي ۽ پهرين فتوا لکي. ٭ اندازاً 70 کان وڌيڪ علمن ۾ لڳ ڀڳ 1000 ڪتاب لکيا. ٭ قرآن ڪريم جو ترجمو ڪنزالايمان ٭ فتاويٰ رضويه ٭ حدائق بخشش، سندن علمي ۽ ادبي شاهڪار آهن. ٭ پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 2 ڀيرا حج جي سعادت حاصل ڪئي ٭ ٻئي ڀيري جڏهن رسول الله   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي روضي تي حاضر ٿيا ته پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جاڳندڙ اکين سان کين پنهنجي ديدار سان نوازيو ٭ تقوا ۽ پرهيزگاري ايتري قدر هئي جو نه صرف فرائض ۽ واجبات جا سختي سان پابند هئا بلڪ سنتن، نفلن ۽ مستحبن کي به نه ڇڏيندا هئا ٭ گهٽ کائيندا ۽ گهٽ سمهندا هئا ٭ پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه       25 صفر شريف 1340 هجري بمطابق 28 آڪٽوبر 1921ع جمعي جي ڏينهن هن دنيا مان رحلت فرمائي. ٭ سندن مزار بريلي شريف ۾ آهي.    25 صفر شريف تي پوري دنيا ۾ سندن عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي. ([1])

تُو نے باطِل کو مٹایا اے امام احمدرضا!                    دِین کا ڈنکا بجایا اے امام احمدرضا!

اہلِ سنّت کا چمن سر سبز تھا شاداب تھا                    تازگی تُو اور لایا اے امام احمد رضا!([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                               صَلَّی اللهُ عَلٰی مُحَمَّد

هدايت تائين پهچائڻ وارا ماڻهو

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! الله پاڪ جو وڏو فضل آهي جو اسان کي اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت، شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جي سڃاڻپ نصيب


 

 



[1]... فیضانِ امام ِاہلسنت(خصوصی شمارہ)، صفحہ:22تا24 ملخصاً بتصرف ۔

[2]... وسائلِ بخشش، صفحہ:525 ملتقطاً۔