Aala Hazrat Ki Wasiyatein

Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein

سُنّتوں کو جِلا دیا جس نے، دِیں کا ڈنکا بجا دیا جس نے

وہ مُجَدِّد ہے دِین و مِلَّت کا، واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی!

جو ہے اللہ کا ولی بےشک، عاشِقِ صادِقِ نبی بےشک

غوثِ اعظم کا جو ہے متوالا، واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی!

جس نے اِحْقاقِ حق کیا کُھل کر، رَدِّ باطِل کیا سدا کھل کر

جو کسی سے کبھی نہ گھبرایا، واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی!

الله پاڪ سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي صدقي اسان کي به سچي پڪي توبه جي توفيق نصيب فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

اعليٰ حضرت جون وصيتون

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه   پنهنجي مريدن، پنهنجي چاهڻ وارن، مڃڻ وارن کي مختلف قسم جون وصيتون ۽ نصيحتون فرمائيندا هئا، اچو! سندن ڪجھ وصيتون ۽ نصيحتون ٻڌون ٿا:

(1): مذهبِ اهلِ سنت تي قائم رهو

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    پنهنجي مريدن کي فرمائن ٿا: ٭ مذهبِ اهلسنت و جماعت تي قائم رهو ٭ جيترا بدمذهب مثلاً نيچري، قادياني وغيره آهن، انهن سڀني کان جدا رهو ٭ انهن سڀني کي پنهنجو دشمن ڄاڻو ٭ انهن جي ڳالھ نه ٻڌو ٭ انهن وٽ نه ويهو ٭ انهن جي ڪا تحرير نه ڏسو جو شيطان کي معاذ الله! دل ۾ وسوسو وجهندي ڪا دير ناهي لڳندي.

ماڻهوءَ کي جتي مال يا عزت ۽ آبرو جو انديشو هجي، اتي هرگز نه ويندو، دين ۽ ايمان سڀ کان وڌيڪ عزيز آهن، انهن جي حفاظت لاءِ حد کان وڌيڪ ڪوشش فرض آهي، مال ۽ دنيا جي عزت، دنيا جي زندگي، دنيا تائين ئي آهي، دين ۽ ايمان سان هميشگي جي گهر (يعني آخرت) ۾ ڪم پوندو آهي، تنهن ڪري دين ۽ ايمان جو فڪر سڀ کان وڌيڪ لازمي آهي.