Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
(2): پنج وقتي نماز جي پابندي ڪريو!
سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: پنج وقتي نماز جي پابندي نهايت ضروري آهي، مردن کي مسجد ۽ جماعت جو التزام (يعني پابندي سان مسجد ۾ باجماعت نماز پڙهڻ) به واجب آهي، بي نمازي مسلمان ڄڻڪ تصوير جو ماڻهو آهي جو ظاهر صورت انسان جي پر انسان جو ڪم ڪجھ نه، بي نمازي صرف اهو ئي ناهي جيڪو ڪڏهن نه پڙهي، بلڪ جيڪو هڪ وقت جي به قصداً (ڄاڻي واڻي) ڇڏي ڏئي، اهو به بي نمازي آهي.
سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ سوال جو جواب ڏيندي فرمائن ٿا: جيستائين عقل باقي آهي، ڪنهن به وقت ۾ نماز معاف ناهي. حالتِ سفر ۾ يا اهڙي مرض ۾ جو روزو رکڻ جي طاقت نه هجي، رمضان شريف جا روزا قضا ڪرڻ (يعني ان وقت ڇڏي بعد ۾ رکي وٺڻ) جي اجازت آهي. ([1]) اهڙي طرح زڪوات صاحبِ نصاب تي ۽ حج صاحبِ استطاعت تي فرض آهي پر نماز سڀني تي هر حال ۾ فرض آهي. ([2]) جيڪو بيمار آهي، بيهڻ جي طاقت نٿو رکي ته ڀت، لٺ يا ڪنهن شخص جي سهاري بيهي نماز ادا ڪري، جيڪو بلڪل بيهي نٿو سگهي، اهو ويهي پڙهي، جيڪڏهن ويهي به نٿو سگهي ته ليٽي ليٽي اشارن سان پڙهي. ([3])
غرض؛ نماز مرڻ وقت تائين معاف ناهي. ([4]) الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ اعْبُدْ رَبَّكَ حَتّٰى یَاْتِیَكَ الْیَقِیْنُ۠(۹۹) (پارہ:14 ، سورۀ حجر:99)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ پنهنجي رب جي عبادت ڪندو رهه جو تو کي موت اچي وڃي.
ہر عبادت سے بَرتَر عبادت نَماز ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نَماز