Aala Hazrat Ki Wasiyatein

Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein

رضويات تي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ شعبو؛ شعبه ڪتب اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه قائم آهي جنهن جي تحت هينئر تائين اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا تقريباً 19 ڪتاب ۽ رسالا منظرِ عام تي اچي چڪا آهن. ان کان علاوه I.T ڊپارٽمينٽ طرفان 2 ايپليڪيشنز (1): فتاويٰ رضويه Fatawa Razwia آهي ٭ جنهن ۾ فتاويٰ رضويه جا سڀ جلد شامل آهن ۽ هر جلد جي تحت رسالن ۽ موضوعن جي مختصر فهرست ٭ فتاويٰ رضويه جي سڀني رسالن جي الڳ فهرست ٭ ايڊوانس سرچ (Advanced Search)  جو فيچر ٭ ۽ پنهنجي پسنديده ڳالھ کي نوٽ ڪرڻ جو فيچر شامل آهي (2): ٻي ايپلي ڪيشن ڪلامِ رضا    Klam-e-Raza. جنهن ۾ امامِ اهلسنت اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جو مشهورِ زمانه نعتيه مجموعو حدائق بخشش کي حروفِ تهجي جي ترتيب تي شامل ڪيو ويو آهي ٭ هن ايپلي ڪيشن ۾ پنهنجي مطلوبه ڪلام کي سرچ (search) ڪرڻ ٭ مخصوص ڪلامن کي آڊيو (Audio) وڊيو (Vedio) ۾ ٻڌڻ ڏسڻ ٭ ۽ پسنديده ڪلامن کي فيورٽ (Favorite) ڪري الڳ سان محفوظ ڪرڻ جي سهولت موجود آهي ٭ هن ايپلي ڪيشن ۾ مدني چينل (Madani Chanal) جي پروگرام نغماتِ رضا (جنهن ۾حدائق بخشش جي چونڊ ڪلامن جي شرح بيان ڪئي وئي آهي) کي به شامل ڪيو ويو آهي.

اللہ کی نِعمت ہے، یہ دعوتِ اسلامی                       آقا کی عِنایت ہے، یہ دعوتِ اسلامی

فیضانِ رضا ہے اور یہ غوث کا فیضاں ہے                خواجہ کی حِمایت ہے، یہ دعوتِ اسلامی([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                صَلَّی اللهُ عَلٰی مُحَمَّد

1500 هون جشن جي وڌيڪ ڌوم ڇو؟

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! سڄي دنيا ۾ 1500 هين جشنِ ولادت جي ڌوم مچيل آهي. عاشقانِ رسول خوش آهن، ڪوششون جاري آهن ته هن ڀيري پهريان کان وڌيڪ ميلاد ملهايو وڃي. الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي. آمين.


 

 



[1]... وسائلِ فردوس، صفحہ:44، 45 ملتقطاً۔