Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
اوچتو مون کي ننڊ اچي وئي، ڇا ٿو ڏسان ته پوري محفل تي نور ڇانيل آهي، پوءِ ڪنن ۾ درود و سلام جو آواز پيو ۽ اک کلي وئي، ڏٺم ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه درودِ پاڪ پڙهي رهيا هئا.
اهو ٻڌي برهان الحق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه چيو: مون به اهو ئي منظر رات جي محفل ۾ ڏٺو. ان تي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: سرڪارِ اعظم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪرم هو ته (رات محفل ۾) تجلي فرمائي.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏو شان آهي...!! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه عظيم ترين عاشقِ رسول آهن، هي به پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي انتهائي ڪرم نوازي هئي جو پاڻ جڏهن بيان فرمائي رهيا هئا ته پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان وقت محفلِ پاڪ ۾ تجلي فرمائي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بيان به فرمائيندا هئا، جڏهن پاڻ ٻئي ڀيري حج تي ويا، بحري جهاز جو سفر هو ۽ بحري جهاز ۾ جده پهچندي ڪيترائي ڏينهن لڳندا آهن، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو معمول مبارڪ هو، روزانو مسافرن کي گڏ ڪري بيان فرمائيندا هئا ۽ انهن کي نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به درس ۽ بيان ڪرڻ گهرجي، هي وڏو فضيلت وارو ديني ڪم آهي، جيڪڏهن درس ڏيڻ اچي ٿو، بيان ڪرڻ اچي ٿو ته ان جي عادت بڻايو، جيڪڏهن نٿو اچي ته سکڻ ڏانهن وڌو.
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ مَنْ اَحْسَنُ قَوْلًا مِّمَّنْ دَعَاۤ اِلَى اللّٰهِ (پارہ: 24، سورۀ حم السجدۃ:33)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ ان کان وڌيڪ ڪنهن جي ڳالھ چڱي جيڪو الله جي طرف سڏي.