Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
وَ مِمَّنْ خَلَقْنَاۤ اُمَّةٌ (پارہ:9، سورۀ اعراف:181)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ اسان جي مخلوق مان هڪ اهڙو ٽولو آهي.
(2): يعني ٻيو گروھ اهو آهي جنهن کي جنت لاءِ بڻايو ويو آهي، انهن کي جنتي عملن جي توفيق بخشي وئي آهي، هي جنتي آهن، جنت لاءِ ئي بڻايا ويا آهن.([1]) هي ڪير ماڻهو آهن؟ ڇا ڪندا آهن؟ انهن جا عمل ڪيئن آهن؟ فرمايائون:
یَّهْدُوْنَ بِالْحَقِّ (پارہ:9، سورۀ اعراف:181)
ترجموڪنزالعرفان: جيڪو حق جي هدايت ڏيندو آهي.
يعني هي اهي ماڻهو آهن جيڪي راھِ حق جي هدايت ڏيندا آهن، جيڪو انهن جي پيروي ڪندو آهي، ان کي گمراهين کان بچائي حق جي راھ تي آڻيندا آهن، پاڻ به سچن عقيدن، اسلام جي سچي تعليم تي ثابت قدم رهندا آهن ۽ پنهنجن مڃڻ وارن، چاهڻ وارن کي به سچن عقيدن ۽ سچي تعليم تي ثابت قدم رکندا آهن.([2])
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هن آيت مان معلوم ٿي ويو ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري اُمت ۾ اهڙا ماڻهو ايندا رهيا ۽ آينده به ايندا رهندا جيڪي ماڻهن کي راھِ حق جي هدايت ڏيندا هئا، ڏيندا آهن ۽ ڏيندا رهندا. الله پاڪ جي فضل سان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به ان پاڪيزه گروھ ۾ شامل هڪ وڏي رُتبي واري هستي آهن.
ہے رضائے مصطفےٰ احمد رضا ہے عطائے مرتضیٰ احمد رضا
رہبر اور رہنما احمد رضا حق نما حق آشنا احمد رضا
نائب مختارِ کل، غوث الوریٰ نائب غوث الوریٰ احمد رضا
عاشقانِ رسول جي سڃاڻپ جو آسان طريقو
حضرت علامه قادر بخش سَهۡسَرامي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام وڏا عالمِ دين ٿي گذريا