Aala Hazrat Ki Wasiyatein

Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein

يقين وڌي ويندو آهي، هي ٻي نيڪي ٭ درود پاڪ پڙهڻ ۾ تعظيمِ مصطفيٰ آهي، هي ٽين نيڪي ٭ درود پاڪ پڙهڻ سان آخرت تي ايمان پڪو ٿيندو آهي، هي چوٿين نيڪي ٭ درود پاڪ ۾ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي احسانن جو ذڪر آهي، هي پنجين نيڪي ٭ درود پاڪ ۾ نيڪن جي سردار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر آهي ۽ نيڪن جي ذڪر تي رحمت نازل ٿيندي آهي، هي ڇهين نيڪي آهي. ([1])

اهڙي طرح ٻيون به گهڻيون ئي نيڪيون آهن جيڪي هڪ درود پاڪ جي ضمن ۾ اچي وڃن ٿيون. ان ڪري اسان کي گهرجي ته دل ۾ ايمان وڌائڻ، عشقِ مصطفيٰ کي وڌائڻ ۽ الله پاڪ جي رحمتن جو حقدار بڻجڻ لاءِ ڪثرت سان درود پاڪ پڙهندا رهون.

نبی کی شان میں ہو جس قدر دُرُود  پڑھو!                   مُحِبَّو! پاؤ گے جنّت میں گھر دُرُود پڑھو!

جو اپنے کاموں کا اَنجام نیک چاہتے ہو                       ہر ایک کام میں تم پیش تر دُرُود پڑھو!

ہزار دَرد کو یہ ایک دَوا کِفَایت ہے                            جو پیش آئے ذرا بھی خطر دُرُود    پڑھو!([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات (عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.)[3](

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! ٭الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس ٭ بَاادب ويهندس ٭ خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس ٭ جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]... الدر المنضود، مقدمہ، الفائدۃ الرابعہ...الخ، فوائد فی الامر بالصلاۃ علیہ، صفحہ:22۔

[2]... نورِ ایمان، صفحہ:56تا57 ملتقطاً۔

[3]... بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔